بنگلاديش آخري ٽي 20 ۾ آئرلينڊ کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

بنگلاديش آخري ٽي 20 ۾ آئرلينڊ کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

چٽاگانگ(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ٽي 20 سيريز جي آخري ۽ فيصلائِتي ميچ ۾ آئرلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي، ان ڏس ۾ آئرلينڊ جي ٽيم پهريان بيٽگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 117 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪپتان پال اسٽرلنگ 38، ٽم ٽيڪٽر 17،جيورج ڊوڪريل 19 ۽ گيراٿ ڊيليني 10 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا،بنگلاديش طرفان مستفيض الرحمان ۽ رشاد حسين 3-3 وڪيٽون، شوريفل اسلام 2، مهدي حسن ۽ صيف الدين 1-1 وڪيٽ ورتي،ٻي اننگز ۾ بنگلاديش جي ٽيم گهربل هدف 14هين اوور ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو،تنزيد حسن 55، پروز حسين 33، سيف حسن 19 ۽ لتن داس 7 وڪيٽون ورتيون، تنزيد حسن کي مين آف دي ميچ ۽ مهدي حسن کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو،