| بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه، اڳوڻي گهرو وزير کي ماڻهو مارائڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا، عوامي ليگ تي پابندي |
ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي عدالت اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي انسانيت خلاف ڏوھه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته عوامي ليگ تي به پابندي لڳائي وئي آهي. ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سزا خلاف احتجاج ڪري هنگاما ڪيا ويا جن تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شيلنگ ڪئي. بنگلاديش جي انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل نمبر هڪ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه ۽ ان جي ٻن اعليٰ عھديدار ساٿين خلاف گذريل سال جولاءِ جي بغاوت دوران انسانيت خلاف ڏوھه ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. ڪيس ۾ اڳوڻي گھرو وزير اسد الزمان خان ڪمال ۽ اڳوڻي انسپيڪٽر جنرل پوليس چوڌري عبداللھ المامون کي به شريڪ جوابدار نامزد ڪيو ويو. جسٽس محمد غلام مرتضيٰ جي سربراني ۾ 3 رڪني بينچ 453 صفحن تي ٻڌل فيصلو ٻڌايو. تشدد تي ڀڙڪائڻ ۽ قتل جو حڪم ڏيڻ تي شيخ حسينه کي عمرقيد ۽ ٻين 3 الزامن تحت موت جي سزا ٻڌائي وئي. بنگلاديشي عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته ليڪ ٿيل فون ڪال موجب شيخ حسينه واجد مظاهرو ڪندڙ شاگردن کي قتل ڪرڻ جا حڪم ڏنا، شيخ حسينه واجد شاگردن جا مطالبا ٻڌڻ بدران فساد کي هوا ڏني ۽ شاگردن جي تحريڪ کي طاقت ذريعي دٻائڻ لاءِ توھين آميز قدم کنيا، شيخ حسينه واجد کي 6 ماڻهن کي ساڙڻ جي ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، عدالت بنگلاديش جي اڳوڻي گھرو وزير اسد الزمان ڪمال کي به موت جي سزا ٻڌائي، عدالت موجب حسينه واجد ۽ اڳوڻو گھرو وزير اسد الزمان ڪمال اڃا تائين روپوش آهن، ڪيترن ئي نوٽِيسن باوجود سندن پيش نه ٿيڻ سندن ڏوھ جو اعتراف آھي، رڳو المامون واحد ملزم هو جيڪو عدالت ۾ موجود هو، جن جولاءِ ۾ ٻڌڻي دوران ڏوھه جو اعتراف به ڪيو. شيخ حسينه خلاف عدالتي فيصلي وقت ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا نتظام سخت ڪيا ويا ھئا ۽ عدالتي فيصلي وقت شيخ حسينه واجد جي گھر ٻاھران مظاھرو ڪندڙن احتجاج ڪيو.