| بنگلاديش جي حمايت تي پاڪستان ڪرڪيٽ کان محروم ٿي سگهي ٿو: ڀارتي ميڊيا |
نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن پاڪستان بنگلاديش جي حمايت ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 کان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته پوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ان خلاف سخت ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ سي سي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي جي تازين تبصرن کان ناخوش آهي، جنهن کليل طور تي بنگلاديشي موقف جي حمايت ڪئي. پاڪستان واحد ميمبر ملڪ هو جنهن تازي آءِ سي سي بورڊ جي اجلاس ۾ بنگلاديش جي حق ۾ ووٽ ڏنو. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آءِ سي سي اڳ ئي پاڪستان جي موقف جو نوٽيس وٺي چڪي آهي ۽ پاڪستان تي سخت پابنديون لاڳو ڪري سگهي ٿي، جنهن ۾ ان جي سڀني ٻطرفي سيريز جي معطلي، پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) لاءِ پرڏيهي رانديگرن کي نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ (اين او سي) ڏيڻ کان انڪار ۽ ايشيا ڪپ مان خارج ڪرڻ شامل آهن.