بنگلاديش لاءِ بري خبر: ناهيد رانا آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز مان ٻاهر

بنگلاديش لاءِ بري خبر: ناهيد رانا آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز مان ٻاهر

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش جو فاسٽ بالر ناهيد رانا آسٽريليا خلاف ايندڙ مهيني ٿيندڙ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز مان انجري سبب ٻاهر ٿي ويو آهي. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ موجب 23 ساله ناهيد رانا کي گذريل هفتي زمبابوي خلاف ٻئي ٽي-20 ميچ دوران کاٻي پاسي ڇڪتاڻ جي انجري ٿي هئي، جنهن سبب هو گھٽ ۾ گھٽ ڇهن هفتن تائين ڪرڪيٽ کان پري رهندو. ناهيد رانا جي عدم دستيابي بنگلاديش لاءِ وڏو نقصان سمجهي پئي وڃي، ڇو ته ٽيم 23 سالن بعد پنهنجي پهرين آسٽريلين دوري ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي اميد رکي پئي. روان سال ناهيد رانا بين الاقوامي ڪرڪيٽ ۾ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 44 وڪيٽون حاصل ڪيون، جيڪي هن سال ڪنهن به بالر پاران سڀ کان وڌيڪ آهن. هن 18.31 جي اوسط سان وڪيٽون حاصل ڪيون، جن ۾ چار ڀيرا هڪ اننگز ۾ پنج يا ان کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ جو ڪارنامو به شامل آهي. بي سي بي موجب ناهيد رانا کي تقريبن چار هفتا انجريءَ مان صحتياب ٿيڻ ۾ لڳندا، جنهن بعد کيس بالنگ ورڪ لوڊ ۾ مرحليوار واپسي لاءِ وڌيڪ ٻن کان چار هفتا گهربل هوندا.