بنگلاديش پاران ڀارت سان 20 ملين ڊالر جو دفاعي معاهدو رد

مَي 25, 2025

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش هندستان جي سرڪاري ڪمپني گارڊن ريچ شپ بلڊرز اينڊ انجنيئرز لميٽيڊ سان 21 ملين ڊالر جو دفاعي معاهدو منسوخ ڪري ڇڏيو آهي.

بنگلاديش نيوي لاءِ هڪ جديد ٽگ بوٽ تيار ڪرڻ لاءِ جولاءِ 2024 ۾ معاهدو ڪيو ويو هو، جيڪو اونهي سمنڊ جي مشنن لاءِ ٺاهيو ويو هو.

گارڊن ريچ شپ بلڊرز اينڊ انجنيئرز لميٽيڊ، جيڪو هندستان جي وزارت دفاع جي ماتحت ڪم ڪري ٿو، 21 مئي تي اسٽاڪ ايڪسچينج سان فائلنگ ذريعي معاهدي جي منسوخي جي تصديق ڪئي. ڪمپني هڪ بيان ۾ چيو ته منسوخي متوقع هئي ۽ بنگلاديشي حڪومت سان ڳالهين کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو.

بنگلاديش سرڪاري طور تي معاهدي کي منسوخ ڪرڻ جي سبب جو اعلان نه ڪيو آهي، پر هندستاني ميڊيا موجب، تجزيڪار هن قدم کي هندستان جي تازو بنگلاديشي شين تي درآمدي پابندين جو جواب قرار ڏئي رهيا آهن. اهو معاهدو گذريل سال جولاءِ ۾ هندستاني بحريه جي سربراهه ايڊمرل دنيش ڪي ترپاٺي جي بنگلاديش جي دوري دوران صحيح ڪيو ويو هو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • دادو: جوابدارن پاران نينگري سان جنسي زيادتي

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس