| بنگلاديش ڪرڪيٽ ڊپلوميسي ذريعي ڀارت سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سرگرم |
ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش جي نوجوانن ۽ راندين واري مملڪتي وزير امين الحق چيو آهي ته ملڪ سيپٽمبر ۾ ڀارت جي ميزباني ڪرڻ لاءِ پراميد آهي ۽ پڪ آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود ويڇا راندين جي سفارتڪاري ذريعي ختم ڪري سگهجن ٿا. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) سال جي شروعات ۾ اعلان ڪيو هو ته هو آگسٽ-سيپٽمبر 2026ع ۾ ڀارت جي ٽن ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچن واري سيريز جي ميزباني ڪندو. اها سيريز پهريان 2025ع ۾ شيڊيول هئي، پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ڇڪتاڻ سبب ملتوي ڪئي وئي هئي. گذريل ڪجهه عرصي دوران بنگلاديش ۽ ڀارت جا لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار رهيا آهن، جنهن سبب اڳوڻي يونس حڪومت سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪندي ڀارت ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت خدشا ظاهر ڪيا هئا. ڀارت خلاف سيريز لاءِ نشرياتي حق وڪرو ڪرڻ جو عمل شروع ٿيڻ کانپوءِ اميدون وڌيون هيون ته دورو ٻيهر بحال ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ ڀارت جي سريلنڪا دوري جي شيڊيول ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچون شامل نه ٿيڻ به بنگلاديش ڏانهن اشارو ڏنو هو. امين الحق وڌيڪ چيو ته ماضي جي هڪ ننڍڙي واقعي سبب پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي راندين، رابطن ۽ سفارتي ڪوششن ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو. واضح رهي ته بنگلاديش جي راندين واري وزارت ورلڊ ڪپ تان هٿ کڻڻ واري فيصلي جي سببن جي جاچ لاءِ هڪ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي هئي.