| بنگلاديش ڪرڪيٽ ۾ زلزلو، رانديگرن جو بي پي ايل بائيڪاٽ، ميچ نه ٿي، فنانس ڊائريڪٽر برطرف |
ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ تڪراري بيانن کانپوءِ بورڊ ڊائريڪٽر نظم الاسلام کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو جڏهن ته بنگلاديشي ڪرڪيٽرن ڪرڪيٽ سرگرمين جي بائيڪاٽ ڪيو ۽ بي پي ايل جي ميچ نه ٿي سگهي اڄ ميچون کيڏڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدار نظم الاسلام جيتڪراري بيان کانپوءِ بنگلاديش جي ڪرڪيٽرن بائيڪاٽ ڪيو ۽ بي پي ايل جي ميچ لاءِ ٽيمون هوٽل کان گرائونڊ ۾ ئي نه آيون. احتجاج بعد ڪرڪيٽ بورڊ نظم الاسلام کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو. نظم الاسلام بورڊ جي فنانس ڪميٽي جو چيئرمين هو. ان حوالي سان بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تازي صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ راند جي بهترين مفاد ۾ بي سي بي جي صدر نظم الاسلام کي رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بي سي بي پراميد آهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ پروفيشنلزم ۽ جذبي سان راند جاري رهندي ۽ رانديگر بنگلاديش پريميئر ليگ ( بي پي ايل ) ۾ حصو وٺي ان جي تسلسل کي يقيني بڻائيندا. ٻئي طرف رانديگرن اڄ ميچون کيڏڻ جو فيصلو ڪيو.