| بنگلاديش ۾ جين زي اڳواڻ جي قتل بعد وڳوڙ، شيخ مجيب جي گهر، ڀارتي هاءِ ڪميشن، عوامي ليگ دفترن، اخبارن کي باهيون |
ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي مشهور نوجوان سياسي اڳواڻ شريف عثمان هادي جي جي قتل کان پوءِ سڄي بنگلاديش ۾ هنگاما جاري آهن، شيخ مجيب الرحمان جي گهر کي هڪ ڀيرو وري باهه ڏني وئي آهي، ٻن اخبارن جي آفيسن کي ساڙيو ويو آهي عوامي ليگ جي اڳواڻن جي گهرن تي حملا ڪيا ويا آهن ڍاڪا ۽ ٻين شهرن ۾ پوليس ۽ نيم فوجي دستا مقرر ڪيا ويا آهن. رپورٽن موجب بنگلاديش ۾ شيف عثمان جي قتل بعد سندس لاش بنگلاديش پهچايو ويو آهي. ڪالهه جمعي جي نماز کان پوءِ تشدد شروع ٿيو جيڪو ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پکڙجي ويو. 32 ورهين جو شريف عثمان هادي انقلاب منچا جو ترجمان هو ۽ شاگردن جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۾ سرگرم هو جنهن گذريل سال وزيراعظم شيخ حسينه جي حڪومت کي ڪيرايو هو. هادي کي گذريل جمعي تي ڍاڪا ۾ هڪ مهم جي ريلي دوران نقاب پوش حملي آورن مٿي ۾ گولي هنئي هئي کيس شروعاتي طور تي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ وڌيڪ علاج لاءِ سنگاپور پهچايو ويو، جتي هو ڇهن ڏينهن جي لائف سپورٽ تي رهڻ کان پوءِ فوت ٿي ويو. ڍاڪا ۾ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيوز ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته مڇريل هجوم ملڪ جي سڀ کان وڏي روزاني اخبارن، پرٿم آلو ۽ دي ڊيلي اسٽار جي آفيسن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي جنهن ڪري ٻئي اخبارون شايع نه ٿي سگهيون. اخبارن جي عملي کي بچايو ويو. احتجاج دوران جذباتي نعرا هنيا ويا، انهن فوري انصاف جو مطالبو ڪيو. ڪيترن ئي علائقن ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، جڏهن ته وڌيڪ تشدد کي روڪڻ لاءِ اضافي پوليس ۽ نيم فوجي دستا مقرر ڪيا ويا آهن. چونڊون 12 فيبروري تي ٿيڻيون آهن. هادي جي موت کان پوءِ قوم کي ٽيليويزن تي خطاب ۾ محمد يونس چيو ته هادي جو موت ملڪ جي سياسي ۽ جمهوري منظرنامي لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن عوام کي پرسڪون رهڻ جي اپيل ڪئي انهن کي يقين ڏياريو ته حڪومت شفاف جاچ ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. تشدد ملڪ کي قابل اعتماد چونڊون ڪرائڻ کان روڪي سگهي ٿو. عبوري حڪومت ڇنڇر ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، قومي جهنڊو اڌ جهڪيل آهي ۽ ملڪ ۾ خاص دعائون ڪيون پيون وڃن. ملڪ جي پهرئين صدر شيخ مجيب الرحمان، جيڪو شيخ حسينه جو پيءُ هو، جي گهر کي فيبروري ۽ آگسٽ ۾ اڳوڻن حملن کان پوءِ ٻيهر ساڙيو ويو. عوامي ليگ جي حمايتي نيو ايج جي ايڊيٽر نورالڪبير تي تشدد ڪيو ويو. ڍاڪا ۾ مشهور بنگالي ثقافتي اداري، چيانوت کي به باهه لڳائي وئي. راجشاهي ۾، مظاهرين عوامي ليگ جي آفيس کي بلڊوز ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪيترن ئي ٻين ضلعن ۾ مظاهرين اهم هاءِ ويز کي بلاڪ ڪيو. بنگلاديش جي مختلف شهرن ۾ تشدد جي رپورٽ پڻ ملي، جنهن ۾ چٽاگانگ به شامل آهي، جتي مظاهرين هندستاني اسسٽنٽ هاءِ ڪميشن تي حملو ڪيو ۽ عوامي ليگ جي هڪ اڳوڻي تعليم واري وزير جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي. هادي جي جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي.