بنگلاديش ۾ خوفناڪ زلزلو، سوين عمارتون تباهه، 6 ڄڻا فوت

بنگلاديش ۾ خوفناڪ زلزلو، سوين عمارتون تباهه، 6 ڄڻا فوت

ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش ۾ 5.7 شدت جي زلزلي ۾گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ماڻهو مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. بي بي سي موجبزلزلو مقامي وقت مطابق 10:38:26 تي آيو، جنهن ملڪ جي مختلف حصن کي لوڏي ڇڏيو، جنهن ۾ راڄڌاني ڍاڪا به شامل آهي. پوليس چيو ته زلزلي دوران، ارمانيٽولا جي ڪاسائيٽولي علائقي ۾ هڪ اٺ منزله عمارت جون ڀتيون ڪري پيون، جنهن جي ڪري 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. نرسنگدي ميڊيڪل ڪاليج ۾ درجنين زخمي داخل آهن. گبٽولي ۾ ڌعمارت مان سرون ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا ڇهه ڀاتي زخمي ٿيا. هڪ علاج دوران فوت ٿي ويو. نرسنگدي ۾ ئي جي ڀت ڪرڻ سبب هڪ بزرگ عورت فوت ٿي وئي. بنگشال پوليس اسٽيشن جي حد ۾ 10 ماڻهو زخمي ٿيا. زلزلي دوران ڍاڪا يونيورسٽي ۾ مختلف هنڌن تان ڀاڄ ۽ ٽپو ڏيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 شاگرد زخمي ٿيا.