| بنگلاديش ۾ شيخ حسينه، سندس ڀاءُ ۽ ڀاڻيجي کي ٽيپ |
ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي هڪ عدالت اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه کي پراباچل ۾ سرڪاري رهائشي پلاٽن جي غيرقانوني الاٽمينٽ جي ڪيس ۾ پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو. عدالت اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه، سندس ڀيڻ شيخ ريحانه ۽ سندس ڀاڻيجي برطانوي ايم پي ٽيولپ صديقي کي مختلف مدت جي قيد جي سزا ٻڌائي. هن ڪيس ۾ عدالت شيخ ريحانه کي ست سال قيد، ٽيولپ صديقي کي ٻه سال سخت پورهئي سان قيد ۽ هڪ لک ٽڪا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. انهن سڀني جوابدارن کي روپوش قرار ڏنو ويو ۽ انهن جي غير موجودگي ۾ ڪيس وڪيل کان سواءِ هليو.