| بهارين بابت ٺهراءَ سنڌ جي عوام سان غداري آهي: عوامي تحريڪ |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر پنھنجي جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سرڪار ماضيءَ جي بدترين آمرن کي به پوئتي ڌڪي ڇڏيو. بهارين جي حق ۾ قرارداد پاس ڪري پيپلزپارٽي سنڌ مٿان ڌارين کي سوار ڪرڻ جو پرمٽ ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ هن وقت لکين غيرقانوني غير ملڪي موجود آهن. انھن خلاف ڪوبه قدم نٿو کنيو وڃي. سنڌي قوم پنهنجي تاريخي وجود بچائڻ لاءِ هر حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي. عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ زبردست مارچ ڪيا ويا. جدوجھد جو اهو سلسلو جاري رهندو.