بهرام: درگاهه حاڪم شاهه جي در تي سام لاءِ آندل يتيم ناري ڪارنھن الزام ھيٺ قتل

نومبر 16, 2023

بھرام(رپورٽ: محمد علي مگسي) بهرام لڳ درگاهه حاڪم علي شاهه پٽواري جي مک دروازي تي ڪارنھن الزام ھيٺ يتيم ناري قتل، واقعي بعد جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ حسين بخش مگسي جي رھواسڻ 23 سالن جي افسانا ڌيءُ دلمراد مگسي کي درگاهه حاڪم شاهه پٽواري جي مک دروازي تي ھٿياربندن ڪارنهن الزام ۾ پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي بھرام پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي ميرو خان اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب مڙهه قمبر اسپتال نيو ويو، جتي پڻ عملي حد بندي جو تڪرار ڄاڻائي پوسٽ مارٽم نه ڪيو، جنهن ڪري لاش ڪيترائي ڪلاڪ اسپتال ۾ پيل رهيو، بعد م ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جو مڙهه گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.

افسانا تي مڙس ڪارنھن الزام مڙهيو، قتل ۾ سئوٽ ملوث آهن: نانو

بهرام: مقتول ناري جي ناني ۽ خاڪي فقير درگاهه جي فقير ٻڌايو ته گذريل رات افسانا کي سندس مڙس الطاف مگسي نظام ولد جمن مگسي سان ڪارنھن جو الزام مڙهيو، جنهن بعد ناري افسانا کي سام طور درگاهه جي گادي نشين جي حويلي ۾ وٺي وڃي رھيو ھيس ته درگاھ جي گيٽ اڳيان نياڻي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، هن چيو ته قتل ۾ ناري جا سئوٽ زوار مگسي ۽ ٻيا ملوث آهن،جيڪي اڳواٽ تاڙ ۾ ويٺل هئا، جن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

درگاھون امن جو درس ڏين ٿيون، ناري جي قتل جي مذمت ڪريان ٿو: گادي نشين

بهرام: درگاهه جي گادي نشين سيد علي حيدر شاھ شمسي چيو ته نياڻي سام طور حويلي آندي پئي وئي ته کيس هٿياربندن قتل ڪيو، هن چيو ته سنڌ جون درگاھون امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏينديون آهن، منهنجي يادگيري ۾ اهڙو واقعو نه ٿيو آهي جو سام طور آيل ناري کي قتل ڪيو وڃي، هن چيو ته واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

درگاهه جي در تي ناري جي قتل واري واقعي بعد سوين ماڻھو پهچي ويا

بهرام: پوليس ٻڌايو ته اڃا ڪيس داخل ناهي ڪيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، درگاهه تي ناري جي قتل جي خبر علائقي ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، واقعي بعد سوين ماڻھو درگاهه تي پهچي ويا جن افسوس جو اظهار ڪيو، ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته ناري جو پيءُ ماءُ فوت ٿيل آھي، کيس ڪو ڀاءُ به نه هو، مڙس مٿس ڪارنهن جو الزام مڙهيو هو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • هندو ڀينرن ۽ نينگر جي بازيابي لاءِ ڪٺ

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو