بهرام ويجھو سڱاوتي معاملي تان گهر تي هٿياربندن جي فائرنگ، ماءُ ۽ پٽ قتل

 بهرام ويجھو سڱاوتي معاملي تان گهر تي هٿياربندن جي فائرنگ، ماءُ ۽ پٽ قتل

بھرام (رپورٽ: محمد علي مگسي) بھرام ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل محمد چچه ۾ سڱاوتي معاملي تان ھٿياربندن گهر تي فائرنگ ڪري ماءُ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، بهرام ويجھو سڱاوتي معاملي تان گهر تي هٿياربندن جي فائرنگ، ماءُ ۽ پٽ قتل ڪيو ويو، ڳوٺ گل محمد چچه ۾ فائرنگ دوران 65ورهين جي عنايت خاتون ۽ 40 ورهين جو نظير حسين چچو مارجي ويا35ورهين جو محمد جمن سخت زخمي ٿي پيو، جوابدار فرار ٿي ويا، مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا ويا مقتولن جي وارثن زخمي محمد جمن چيو ته سڱاوتي معاملي تان مخالف ڌمڪيون ڏيندا هئا، حملو ڪري منهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ کي ماري ظلم ڪيو ويو.