بھرام (ن پ ا) بهرام ويجھو قمبر-شهددڪوٽ مين روڊ لنجواڻي لاڙي وت تيز رفتار ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين جي سڃاڻپ مزمل خان بروهي ۽ عاطف علي بروهي طور ڪئي وئي.
جاتيءَ ۾ نوجوان پاڻ کي ڦاهو ڏئي پنهنجي زندگي ختم ڪري ڇڏي
جاتي(ن پ ا) جاتي شهر جي وارڊ نمبر 3 جي هواسي نوجوان سيد امتياز شاھ بخاري ولد غلام حسين عرف گلي شاھ گهرو اڻبڻت سبب پنهنجي گهر ۾ مبينا طور پاڻ کي ڦاهو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي جاتي پوليس لاش لاهي تعلقي اسپتال جاتي پهچايو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرم مچي ويو ماءُ کي دورا پوڻ لڳا.