| بهرام ۾ حب چوڪي واسي نوجوان کي نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڇڏيو |
بھرام(ن پ ا) بھرام ۾ ڪراچي جي حب چوڪي جو رھواسي 22سالا محمد قاسم پٽ نيازل مگسي ڪجھه ڏينهن اڳ ڳوٺ محمد ھاشم مگسي ۾ مامن وٽ گھمڻ لاءِ آيل ھو، قمبر شهدادڪوٽ مين روڊ تي پنھنجي مامي اسماعيل جي دڪان تي ويٺل ھو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويا، جنھن کي اعلاج لاءِ اسپتال روانو ڪيو ويو، ته رستي ۾ فوت ٿي ويو، بھرام پوليس پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو، تڏو ڳوٺ ھاشم مگسي ۾ وڇايو ويو، جڏهن ته تدفين اڄ ڪئي ويندي، رابطي ڪرڻ تي بھرام پوليس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنھنجي عزيزن سان مقتول جي ڀاءُ عبدالله جو سڱاوتي مسئلو ھو، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو،