بهرام: 6 مهينن کان گم پيرسن جو لاش رائيس مل مان پوريل حالت ۾ هٿ: وارثن جو ڌرڻو

بهرام: 6 مهينن کان گم پيرسن جو لاش رائيس مل مان پوريل حالت ۾ هٿ: وارثن جو ڌرڻو

بھرام(ن پ ا) بھرام ويجهو 6 مھينا اڳ مبينا طور لاپتا ٿيل ڳوٺ گبر ڪلھوڙو واسي رائيس مل جي چوڪيدار 58 سالا شعبان ڪلھوڙو جو لاش ڪالھه شھدادڪوٽ جي رائيس  مل مان پوريل حالت ۾ مليو، جنهن کي ڪڍيو ويو، وارثن سميت سياسي سماجي معززين جو لاش رکي قمبر- شھدادڪوٽ مين روڊ تي مستوئي شاخ وٽ قرآن پاڪ کڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو، ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، وارثن جو چوڻ هو ته شھدادڪوٽ بي سيڪش پوليس ايف آءِ آر داخل نه ڪئي، مجبور ٿي روڊ بلاڪ ڪيو سين، مليل ڄاڻ موجب بھرام لڳ ڳوٺ گبر ڪلھوڙو جي رھواسي 58سالا شعبان ڪلھوڙو ماجد جي سيلر تي چوڪيداري ڪندو ھو، جيڪو گذريل 6 مھينن کان لاپتا ھو، اسان سيلر مالڪ کان پڇندا ھئاسين ته اسان جو ھمراھ ڪٿي آهي پر ھو چوندو ھو ته بلوچستان ويو آهي، جڏهن ته شعبان جو لاش رائيس مل ۾ پوريل ھو، جيڪو ڪالھه ڪڍرايو آهي، بي سيڪشن شھدادڪوٽ جي پوليس سيلر مالڪ سميت کي گرفتار ڪري ته جيئن قاتل ملي سگھن، جنھن تي پوليس جواب ڏنو، جنهن تي وارثن حبدار علي ڪلھوڙو، بابر علي لاش رکي قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪيو ته مختلف پارٽين، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي حيات تينو، داد محمد کنڊ، نياز حسين چانڊيو، ايس يو پي جي آ صف علي مگس،ي شھيد ڀٽو جي فيض بروهي جي يو آءِ جي حافظ شمس الدين سميت سوين ماڻهن قمبر- شهدادڪوٽ مين روڊ مستوئي شاخ وٽ ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ڪري ڇڏي، مسافر سخت پريشان رهيا، مظاهرين پاران شھبان ڪلھوڙو جي خون سان انصاف ڪيو، قاتل گرفتار ڪيو جا سخت نعرا، آخر ۾ڊي ايس پي شھدادڪوٽ شاھد خان پھچي ڳالهيون ڪري ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي شرط تي ڌرڻو ختم ڪري ٽريفڪ بحال ڪرائي