بوهريٰ برادري اڄ عيد الاضحيٰ ملهائي رهي آهي

جُون 6, 2025

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) بوهريٰ برادري اڄ عيد الاضحيٰ ملهائي رهي آهي، ملڪ جي ٻين حصن وانگر، ڪراچي ۾ بوهريٰ برادري اڄ مذهبي جوش ۽ جذبي سان عيد الاضحيٰ ملهائي رهي آهي.

ڪراچي جي طاهري مسجد ۾ عيد جي نماز لاءِ بوهريٰ برادري جو هڪ وڏو اجتماع ٿيو. عيد جي نماز ۾ ملڪ ۽ قوم لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.

عيد جي نماز کان پوءِ مبارڪون ڏنيون ويون

صدر، پاڪستان چوڪ، حيدري، بلوچ ڪالوني سميت مختلف علائقن ۾ ٻين هنڌن تي اجتماع منعقد ڪيا ويا.

عيد جي نماز کانپوءِ، بوهريٰ برادري ابراهيمي روايت جي پيروي ڪندي جانورن جي قرباني ڪئي.

عيد نماز جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

لاڳاپيل پوسٽون

  • رونالڊو:امن اپيل، ٽرمپ کي تحفو

  • خيرپورناٿن ۾گوليون هڻي اڌڙوٽ قتل

  • سکر ۾ نوجوان ناري گوليون هڻي قتل

  • تل ابيب ۾ آمريڪي سفارتخانو بند