بوٽسوانا، انگولا ۽ چين جي جهازن جي گذرڻ تي پابندي

بوٽسوانا، انگولا ۽ چين جي جهازن جي گذرڻ تي پابندي

تهران(م ڊ) ايراني هٿياربند فوج آچر تي ٻن وڌيڪ تيل ٽينڪرن کي واپس موٽائي ڇڏيو جيڪي آمريڪي بحري ناڪابندي جي پٺيان هرمز کاڙي مان گذري رهيا هئا، تسنيم نيوز مطابق ٻنهي جهازن تي بوٽسوانا ۽ انگولا جا جهنڊا لڳل هئا، پر ايراني هٿياربند فوجن انهن کي رستو تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو. ٻئي طرف  ممبئي ۾ ايراني قونصل جنرل چيو آهي ته ايران سڀني چيني جهازن کي هرمز کاڙي مان گذرڻ جي اجازت نه ڏني آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ قونصل جنرل لکيو ته ايران چيني جهاز سن پرافٽ کي گذرڻ جي اجازت نه ڏني. جيڪو چيني شهرين جي ملڪيت آهي ۽ ان تي عملو به چيني آهي رستو تبديل ڪرڻ ۽ واپس موڙڻ تي مجبور ڪيو ويو. ٻئي طرف بي بي سي جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاران بحري ناڪابندي کان پوءِ ايران هرمز کي ٻيهر بند ڪري ڇڏيو آهي. ويب سائيٽ مئرين ٽريفڪ جي مطابق هن وقت هرمز مان ڪو به جهاز نه گذري رهيو آهي، جيتوڻيڪ ڪيترائي خليج جي چوڌاري لنگر انداز نظر اچن ٿا.