بيدل بيڪس جي درگاهه اوقاف کاتي حوالي ڪرڻ جي درخواست

جُون 6, 2023

سکر ( بيورو رپورٽ) سنڌهاءڪورٽ ۾درگاهه بيدل بيڪس اوقاف کاتي جي حوالي ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي

روهڙي جي شهري ڪاشف حسين قاضي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ بيدل بيڪس جي درگاهه اوقاف کاتي حوالي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي آهي

درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته بيدل بيڪس درگاهه جي گادي نشيني تان ڇڪتاڻ هلندڙ آهي  ميلي جي تقريبون دوران ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي جي سامهون جهيڙو به ٿيو هو هن وقت اتي خوني ويڙهه جو امڪان آهي جنهن کان بچڻ لاءِ بيدل بيڪس جي درگاهه اوقاف کاتي حوالي ڪئي وڃي

درخواست ۾ چيف سيڪريٽري. هوم سيڪريٽري. ڊپٽي ڪمشنر ۽  ايس ايس پي سکر کي ڌر بڻايو ويو آهي

Leave A Comment