بيرسٽر گوهر سميت پي ٽي آءِ جي 11 اڳواڻن کي عمران سان ملاقات جي اجازت

مارچ 28, 2024

راولپنڊي(پنهنجي ڊيسڪ) اڊيالا جيل اختيارين پي ٽي آءِ اڳواڻن کي جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي

اڊيالا جيل اختيارين طرفان تحريڪ انصاف جي 11 اڳواڻن کي عمران خان سان ملاقات جي اجازت ڏني وئي آهي جنهن ۾ بيرسٽر گوهر، شعيب شاهين، شير افضل مروت، فيصل جاويد، زرتاج گل، عمير نيازي ۽ ٻيا شامل آهن

ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ بيرسٽر گوهر اڊيالا جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سمورين گاڏين کي وڃڻ جي اجازت آهي پر اسان جون گاڏيون روڪيون ويون آهن، عمران خان سان ملاقات لاءِ  هڪ ڪلو ميٽر پنڌ وڃڻو پوندو آهي

 بيرسٽر گوهر چيو ته رستن جي بندش جي حوالي سان اسان جيل سپرنٽينڊنٽ کي آگاهه ڪيو ۽ درخواست به ڏني آهي ته اسان کي دستاويز کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪوهلي کان رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جي درخواست

  • ويسٽ انڊيز پاران آسٽريليا خلاف ٽي- 20 سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان

  • آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ،ڪو به پاڪستاني ٽاپ 10 ۾ شامل نه ٿيو

  • ف م لاشاري جي ورسي، “ ڏٺي ڏينهن ٿيام” جي مهورت