ميهڙ/گمبٽ(نمائندن وٽان) بک، بي روزگاري ۽ غربت وڌيڪ 2 حياتيون کسي ورتيون آهن پر حڪومت توڙي چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن
ميھڙ ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻاڙيا پنھور ۾ 40 ورھين جي ارشاد علي پٽ سلطان احمد پنھور بيروزگاري کان تنگ اچي خودڪشي ڪري ڇڏي آھي
پوليس موجب اطلاع مليا آھن ته نوجوان گھر ۾ لڳل ڇت واري پکي ۾ رسو ٻڌي پاڻ کي ڦاھو ڏنو آھي، وارث ڪا به ڪاروائي نٿا ڪرائڻ چاھين انڪري لاش جو پوسٽ مارٽم به نه ٿي سگھيو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون
وارثن موجب نوجوان جو ذھني توازن صحيح نه هو جنھن سبب ھن اڻڄاڻائي ۾ اھو قدم کنيو آھي، واقعي جو اطلاع ميھڙ جي اي ايڪشن پوليس کي ڏنو ويو آھي
ٻئي طرف گمبٽ ڀر سان جادو واهڻ جي ڳوٺ فقير امام بخش واسي40 ورهين جي عورت بختاور خاتون کهڙو غربت کان تنگ ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو
وارثن جو چوڻ آهي ته بختاور خاتون غربت ۽ گهريلو پريشانين سبب آپگهات ڪيو، کيس کڻي گمس سٽي اسپتال پهتاسين ته ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي
عورت جولاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، عورت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا