بيريسٽر گوهر خلاف بيان، پي ٽي آءِ پاران شير افضل کي شوڪاز

فيبروري 24, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف نئين چونڊيل ايم اين اي شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڇڏيو

 شير افضل مروت گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته بيريسٽر گوهر کي انٽرا پارٽي اليڪشن لاءِ چيئرمين شپ تان انڪري هٽايو ويو ڇڪاڻ ته سندس ڪارڪردگي تسلي بخش نه هئي

جنهن تي پي ٽي آءِ طرفان شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، شوڪاز نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اوهان جي بيان سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي

شوڪاز نوٽيس ۾ پي ٽي آءِ طرفان شير افضل کي ٻن ڏينهن اندر معافي نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ويو ته تسلي بخش جواب نه ڏيڻ جي صورت ۾ پارٽي پاليسي موجب ڪارروائي ڪئي ويندي

Leave A Comment