بيغيرت دهشتگردن جي 10 حملن جو هزار ڀيرا جواب ڏينداسين، پاڪستاني قانون نه مڃيندڙ هليو وڃي: ڪاڪڙ

جنوري 12, 2024

پشاور(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بزدل ۽ بي حيا دهشتگرد ڪنهن به همدرديءَ جي لائق نه آهن، دهشتگردن ۾ غيرت آهي ته لڪي حملا ڪرڻ بدران ٻرن مان ٻاهر نڪري اچن، دهشتگرد 10 حملا ڪندا ته اسان هڪ هزار ڀيرا جواب ڏينداسين، پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته مختلف راءِ رکندڙ ماڻهو حديثن جا حوالا ڏئي فساد پيدا ڪن ٿا، هن چيو ته پشاور شهر ۾ دهشتگردن آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم ٻارڙن کي شهيد ڪيو، هي دين جي نالي تي ڪنهن کي ڊيڄارين ٿا، زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي. نگران وزير اعظم چيو ته آپگهاتي حملا ڪندڙ اسان کي ڊيڄارڻ چاهين ٿا، اسان ڊڄڻ وارا نه آهيون، حڪمت ۽ همت سان ويڙهه وڙهنداسين.

Leave A Comment