بيل آئوٽ……….!!

جُولاءِ 9, 2023

 آءِ ايم ايف مختصر مدي وارو قرض ڏئي پاڪستان کي معاشي طور تي ته بيل آئوٽ (Bailout) ڪيو آهي پر آءِ ايم ايف جي اهم آمريڪي نمائندي جي لاهور زمان پارڪ پهچي عتاب ۾ آيل عمران خان سان ڪيل ملاقات کي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عرف ابو القاسم کي مليل “سياسي بيل آئوٽ” سمجهجي؟مٿين سوال جو حقيقي، صحيح ۽ سچو جواب هن مهل تائين نه ته حڪومت پاران آيو آهي ۽ نه پي ٽي آءِ جي ڪپتان پاران ان قسم جي ملاقات کي ان حوالي سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڏٺو ويو آهي. جڏهن ته آزاد دنيا جون اکيون ان صورتحال کي پاڪستان جي ان سياسي پس منظر جي حوالي سان تڪي رهيون آهن، جنهن جي سلسلي ۾ ڪيئي سال اڳ ۾ “نيوز لائن” جي ايڊيٽر رضيه ڀٽيءَ لکيو هو ته، “پاڪستان ۾ صرف هڪ ڳالهه پڪ سان ڪري سگهجي ٿي ته پاڪستان ۾ ڪا به ڳالهه پڪ سان ڪري نه ٿي سگهجي”. اها ساڳي ڳالهه ڪيئي سال گذرڻ کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ملڪ جي مشهور سياستدان ۽ وڪيل اعتزاز احسن ڪجهه هن طرح سان ڪئي آهي ته، “پاڪستان جي باري ۾ ڪا به پيشن گوئي صرف ماضيءَ ۾ بيهي ڪري سگهجي ٿي”، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو ان تي به اعتراض آهي. ان حوالي سان هو اهو موقف پيش ڪري رهيا آهن ته انهن کي ملڪ جي تاريخ به ٺيڪ طرح سان نه پڙهائي وئي آهي.آمريڪا جي اهم ترين ميڊيا اداري سي اين اين (CNN) تي ڪنهن دور ۾ اسان جي ملڪ جي حوالي سان هڪ نعرو بار بار ورجايو ويندو هو ۽ اهو نعرو يا اهو تبصرو هو ته:

“پاڪستان: هڪ ملڪ، اڪيچار امڪان”

اڄ به اسان جو ملڪ انهن اڪيچار امڪانن جي اکين مان اوجهل نه ٿيو آهي. اڄ به ڪنهن صحافيءَ کي پنهنجي مليل معلومات ۽ ڪيل تجزئي تي سئو سيڪڙو يقين نه آهي، ڇو ته ملڪ ۾ ميڊيا جي مشهور ماڻهن پاڻ کي نهايت بري طرح سان استعمال ٿيندي به ڏٺو آهي ۽ انهن جا تجزيا خزان جي موسم ۾ وڻن جا پن بڻجي به ڇڻيا آهن. ان حوالي سان ڪجهه صحافي جيڪي بار بار سيني تي هٿ هڻي چئي رهيا هئا ته، “عمران خان جو ڪو سياسي آئيندو ڪونهي”، انهن پنهنجي پيشنگوئي روڪي وري ڪجهه سوچڻ شروع ڪيو آهي ۽ خاص طور تي آءِ ايم ايف جي نمائندي پاران عمران خان کي مليل اهميت ۽ گذريل جمعي تي پاڪ ڪتاب جي بي حرمتيءَ خلاف احتجاج جي دوران تحريڪ انصاف جي جهنڊن جو ملڪ جي شهرن ۾ ظاهر ٿيڻ وارو سلسلو پنهنجي پڪي سوچ تي شڪ ڪرڻ لاءِ انهن ملڪي صحافين کي مجبور ڪرڻ لڳو آهي، جيڪي چئي رهيا هئا ته پي ٽي آءِ جو حال هن اردو شعر جهڙو ٿي ويو آهي:

“اڪ ڌوپ ٿي جو ساٿ گئي آفتاب ڪي”

پر بقول آمريڪي اديب، “Sun Also Rises” يعني (سج اڀرندو به آهي).

هن وقت پاڪستان ۾ سياسي حوالي سان اهو بحث پنهنجو بنياد مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي ته ڇا عمران خان جو سياسي سج هڪ ڀيرو ٻيهر اڀري رهيو آهي؟ ان اميد کي محسوس ڪندي ٻاهرين ملڪن ۾ ڇپي ويٺل عمران خان وڏ واتا وفادار صحافي ۽ اينڪر موبائل فونن جي اسڪرينن مٿان ائين چهڪي رهيا آهن، جيئن گهڻن ڏينهن جي گهٽائن کان پوءِ سج ڪني ڪڍي هجي ۽ جهڙ سبب جهانوريل جهنگ جرڪڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.

پاڪستان جي سيٽو ۽ سينٽو معاهدن جي حوالي سان جيڪي ماضيءَ جا اصول پرست سياسي اڳواڻ ان نقطي مٿان تمام گهڻو اصرار ڪندا هئا ته، “هڪ ڪمزور ملڪ کي پاڻ کان وڌيڪ مضبوط ۽ سگهاري ملڪ سان ڪو معاهدو نه ڪرڻ گهرجي”، انهن سياسي انقلابي بزرگن جا اهي قول هن مهل هڪ نئين معنيٰ جا مالڪ بڻجندا نظر اچن ٿا، جڏهن آءِ ايم ايف جو نمائندو 9 مئي کان پوءِ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي تنقيد جو نشانو بڻجندڙ سياسي اڳواڻ سان ملاقات لاءِ بي پرواهه بڻجي پهچي وڃي ٿو ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته آءِ ايم ايف جي اهڙي عمل تي حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ ڪنهن به قسم جو اعتراض نه اٿاريو آهي. جڏهن ته آءِ ايم ايف ڪو ملڪ به ناهي. آءِ ايم ايف هڪ مالي ادارو آهي، پر ان مالي اداري جا پَر ايترا ته نڪري آيا آهن، جو هاڻي هن جي پرواز ملڪ جي سياسي فضائن ۾ به ٿي رهي آهي. جڏهن ته هن مهل تائين اهو مالي ادارو ملڪ جي معاشي حدن تائين محدود رهندو هو. پر پاڪستان کي هر حوالي سان آزاد ڏسڻ وارن جو اهو اصرار به هوندو هو ته، “آءِ ايم ايف پنهنجي حد اندر رهي. آءِ ايم ايف ڪير ٿيندو آهي جيڪو اسان کي مخصوص ۽ من پسند معاشي پاليسيون ٺاهڻ جي سلسلي ۾ مجبور ڪري؟ جيڪو اسان کي حڪم ڏئي ته فلاڻي اداري کي پرائيويٽائيز ڪريو يا بجلي ۽ گيس جا اگهه هيترا وڌايو؟ آءِ ايم ايف کي اهو حق حاصل ناهي ته هو تيل جي اگهن تي اعتراض واري….!!”
معاشي طور تي دنيا جي مجبور ملڪ سان مغرور بڻجي پيش ايندڙ ان اداري جي حوالي سان هاڻي ڪير ڇا چئي سگهي ٿو، جڏهن ان اداري اسان جي ملڪ جي سياسي حدن ۾ به مداخلت ڪرڻ شروع ڪئي آهي. جڏهن ته پاڪستان لکيل طور تي اهو حق آمريڪا کي به نه ڏيندو آهي ته آمريڪا پاڪستان جي سلسلي ۾ ڪي وڏا بيان جاري ڪري. هاڻي به جڏهن موديءَ ۽ بائيڊن جي ملاقات دوران وائيٽ هائوس پاران اهو پريس نوٽ جاري ڪيو ويو ته پاڪستان کي دهشتگرديءَ خلاف پنهنجو ڪردار بهتر بڻائڻ گهرجي ته پاڪستان جي پرڏيهي کاتي گهٽ ۾ گهٽ رڪارڊ درست رکڻ جي لاءِ اهڙي اعلاميي جي مذمت ڪئي هئي. جڏهن عمران خان پاران پنهنجي اقتدار جي آخري ڏينهن دوران “سائفر” جو اشو اٿاريو ويو هو ته ان مهل به اهو اعتراض زور شور سان پيش ڪيو ويو هو ته آمريڪا کي پاڪستان جي سرڪاري ۽ سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪو به اخلاقي حق حاصل ناهي پر جڏهن پاڪستان جي اهم سياسي موڙ تي آءِ ايم ايف جو نمائندو تحريڪ انصاف جي ان اڳواڻ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ اسلام آباد کان سفر ڪري سرڪاري سيڪيورٽي ۾ زمان پارڪ پهچي ٿو، جنهن اڳواڻ جي تصوير هاڻي هن جا محبوب ميڊيا چينل به ڌنڌلي بڻائي پيش ڪري رهيا آهن ۽ جنهن نالو وٺڻ مٿان به پابندي هجي، ان سان آءِ ايم ايف جي نمائندي جي ملاقات جو ڇا مقصد آهي؟ ان سلسلي ۾ حڪومت کي ڪرڻ ته مذمت گهرجي پر اها ڪنهن قسم جي وضاحت به پيش ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جڏهن ته ان ملاقات کان پوءِ سياسي طور تي ڪوما ۾ اچي ويل هڪ پارٽيءَ جي وجود ۾ وري چرپر نوٽ ڪئي پئي وڃي ۽ اهو شڪ پڪ سان پيش ڪيو پيو وڃي ته عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي وچين سياسي ڌارا ۾ داخل ٿي رهيو آهي.

آءِ ايم ايف جي آڏو ته اسان جا حڪمران مجبور آهن پر پاڪستان جي انهن سياسي پارٽين به ان سلسلي ۾ سانت اختيار ڪئي آهي، جيڪي هر ننڍي کان ننڍي معاملي تي وڏو اعتراض وارينديون رهيون آهن. هاڻي اهي پارٽيون حڪومت کان اهو مطالبو ڇو نه ٿيون ڪن ته ملڪ جي سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو آءِ ايم ايف کي ڪو به حق حاصل نه آهي. ان ڪري حڪومت کي کپي ته اها آءِ ايم ايف کان ان سلسلي ۾ پڇاڻو ڪري ۽ آءِ ايم ايف پاران مطمئن ڪندڙ جواب نه ملڻ جي صورت ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدو ختم ڪيو وڃي. ان قسم جو بيان جاري ڪرڻ جو جذبو گهٽ ۾ گهٽ ملڪ جي مولانا سياستدان ۾ ته هجڻ گهرجي، جنهن 9 مئي کان اڳ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سان ملڪي معاملن تي ملاقات ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي هئي. جڏهن ته 9 مئي کان اڳ واري عمران ۽ 9 مئي کان پوءِ واري عمران ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. 9 مئي کان اڳ واري عمران جي پارٽيءَ کي ڇڏڻ جو ڪو تصور به نه ٿي ڪري سگهيو، خاص طور تي فواد چوڌري ۽ اسد عمر ته هرگز  نه!

اهو هڪ الڳ دور هو، جڏهن زمان پارڪ جون رونقون صرف ڏينهن جو نه پر شام جو پنهنجي اوج تي پهچڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون. جڏهن زمان پارڪ عمران خان جي نعرن ۽ پي ٽي آءِ جي نغمن سان گونجندو هو. ان وقت به عمران خان سان مذڪرات ڪرڻ تي جن ماڻهن کي اعتراض هو، اڄ اهي ڪنهن مام جي ڪري ماٺ آهن. جڏهن ته انهن جي خاموشي به بيان ڪري رهي آهي ته هو ڪيتري خار ۾ آهن. ڇا انهن کي پريس ڪانفرنس ڪرڻ نه ٿي اچي؟ ڇا انهن وٽ اٿارڻ لاءِ اعتراض ناهن؟ ڇا انهن وٽ پيش ڪرڻ لاءِ الٽيميٽم ناهن؟ بلڪل آهن. پر پئسو پئسو آهي. اهو به هڪ مجبور ملڪ جي لاءِ!

پاڪستان هن مهل جنهن سياسي موڙ تان گذري رهيو آهي، ان ۾ هن وقت به تمام گهڻا خدشا ۽ کوڙ سارا الڪا موجود آهن. جيتوڻيڪ هاڻي اهي آواز اڳ جي مقابلي ۾ گهٽ ٻڌا پيا وڃن، جن جو خيال هو ته ملڪ ۾ چونڊون هلندڙ سال ۾ مشڪل ٿين. هن وقت جهڙي ريت اليڪشن ڪميشن سرگرم آهي، ان مان ئي پتو پئجي رهيو آهي ته ملڪ ووٽنگ طرف وڌي رهيو آهي. اهڙي موڙ تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي حوالي سان تحريڪ انصاف جو معاملو 9 مئي جي پس منظر ۾ الجهيل بيان ٿي رهيو هو پر هاڻي عمران خان جي وسامي ويل مک ۾ وري اميد جو ڏيئو ٻرڻ ۽ هن کي ملڪي سياست مان مڪمل آئوٽ نه ٿيڻ جا جيڪي اشارا ملي رهيا آهن ۽ سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي اچڻ کان پوءِ جهڙي طرح عمران خان جو وڃائجي ويل اعتماد واپس ٿي رهيو آهي، ان ماحول سياسي تجزين ۾ جڏهن آءِ ايم ايف پاران عمران خان سان ملاقات جو تذڪرو اچي ٿو ته امڪانن جو هڪ نئون باب کلڻ جا آثار اڀرڻ لڳن ٿا.

عمران خان جو آئيندو ڪهڙو آهي؟ ان جو پتو ته عمران خان کي معلوم ناهي. پر هن کي به اها ڄاڻ ضرور آهي ته آءِ ايم ايف جي نمائندي جي هن سان ملاقات ۽ قرض جي نئين قسط ڏيڻ جي سلسلي ۾ هن کي اعتماد ۾ وٺڻ، عتاب جو شڪار شخصيت کي سياسي بيل آئوٽ ملڻ جهڙو منظر پيش ڪري رهيو آهي. ان تي ملڪ جي حڪمرانن جي خاموشي ۽ اهم ادارن جي ماٺ معاملا منجهائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

Leave A Comment