تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

بيمار عورتون ۽ ٻارڙا

بيمار عورتون ۽ ٻارڙا
گولاڙچي: ھيلٿ ملازمن پاران جي نالي تي مطالبن جي مڃتا لاءِ تعلقي اسپتال گولاڙچي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال جاري آهي ٻئي طرف بي سهارا مسڪين بيمار عورتون ٻارڙن سميت سرڪاري اسپتال جي ٻاھران سرڪاري علاج جي آسري تي ويٺل آھن. (يوسف جاني جي فيس بوڪ وال تان ورتل)
خريداري ڪريو
ڪوشش ڪري به هن قسم جي غريب انسانن کان شيون خريد ڪرڻ گهرجن جيڪي امير ٿيڻ لاءِ نه پر فقط پيٽ پالڻ لاءِ پورهيو ڪندا آهن.(ايوب کوسو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)
چپل ناهي – ماسڪ آهي
هاءِ منهنجي غريب سنڌ، پيرن ۾ چپل ناهي پر ماسڪ ضروري آهي، اهڙين سٽن سان ڪامريڊ شبناز بلوچ هي تصوير فيس بوڪ تي شيئر ڪئي آهي، تصوير ۾ نظر اچي ٿو ته ننڍڙو ٻارڙو اسڪول ۾ بيٺو آهي ۽ سندس پير اگهاڙا آهن پر ڪورونا وائرس کان بچاءَ خاطر کيس ماسڪ پهريل آهي. اهڙي تصوير تي ڪيترن ئي ماڻهن پاران افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ ماسڪ پائڻ واري عمل جي ساراهه پڻ ڪئي وئي.
سنڌ جون ساريون
سنڌ جون ساريون (چانور) پوري دنيا ۾ مشھور ھُئا. سنڌ جي سارين (چانورن) جي پوکيءَ جو سڀ کان وڏو وسيلو سکر بئراج مان نڪرندڙ رائيس ڪئنال آھي، سنڌ جي بلدياتي ادارن جي ڪرپشن رائيس ڪئنال کي گٽر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي، سکر کان دادوءَ تائين ھر گٽر لائين رائيس ڪئنال ۾ کُلي ٿي. لاڙڪاڻي شھر جا سڀ گٽر رائيس ڪئنال ۾ وھن ٿا، اسان گٽر جي پاڻيءَ تي پوکيل چانور کائون ٿا. (برڪت نوناري جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *