| بينزيما، الدوساري ۽ مهريز پوئتي رونالڊو بهترين فٽبالر |
دبئي (اسپورٽس نيوز) پرتگال جي عالمي شهرت يافته فٽبال ليجنڊ ڪرسٽيانو رونالڊو مسلسل ٽيون ڀيرو وچ اوڀر جي فٽبالر آف دي ايئر جو ايوارڊ کٽيو آهي. پرتگالي اسٽار کي دبئي ۾ منعقد ٿيل گلوب ساڪر ايوارڊ تقريب ۾ ايوارڊ سان نوازيو ويو، جتي هن ڪريم بينزيما، سليم الدوساري ۽ رياض مهريز جهڙن مشهور رانديگرن کي پوئتي ڇڏيو. سال 2025 دوران رونالڊو سڀني مقابلن ۾ ڪل 40 گول ڪيا. هو هن وقت سعودي عرب جي معروف ڪلب النصر جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ۽ سندس معاهدو 2027 جي وچ تائين جاري رهندو. ايوارڊ حاصل ڪندي، 40 سالن جي اسٽار فٽبالر هڪ جذباتي تقرير ۾ چيو ته وڌيڪ کيڏڻ تمام ڏکيو آهي، پر منهنجو مورل بلند آهي ۽ مان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهيان. رونالڊو چيو ته مان وچ اوڀر ۾ کيڏان ٿو يا يورپ ۾، مون کي فٽبال کيڏڻ، گول ڪرڻ ۽ ٽرافيون کٽڻ پسند آهي. هن وڌيڪ چيو ته توهان سڀني کي خبر آهي ته منهنجو مقصد ڇا آهي، مان وڌيڪ ٽرافيون کٽڻ ۽ هزار گول ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن مان زخمي نه ٿيس ته مان ضرور هزار گول ڪندس، انشاءَ الله.