بينظير پروگرام جي رقم وٺندڙ رٽائرڊ ملازمن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

آگسٽ 26, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پينشن سان گڏ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم وصول ڪندڙ رٽائرڊ ملازمن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي

گهرو وزارت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي درخواست تي سمورن ادارن کي ڪارروائي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي سمورين زونل آفيسن مان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

سرڪار کان پينشن ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سوڌو ٻنهي پاسن کان رقم وٺندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا

اهڙن رٽائرڊ ملازمن جون لسٽون تيار ڪيون ويون، پتو لڳايو ويو آهي ته ڪنهن ڪيترا پئسا ورتا آهن ۽ ڪهڙي شهر ۾ رقم ورتي آهي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

Leave A Comment