| بينظير جي شھادت سان جمهوريت جي اميد مري وئي: اظهر عباس |
ڪراچي: ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ “مٽي ۾ چراغ رک ديا” جي عنوان ھيٺ ٿيل سيشن جي ماڊريٽر حارث خليق چيو ته شھيد بينظير ۽ فاطمه ڀٽو پنهنجي سياسي ڪيريئر جو آغاز مزاحمت سان ڪيو هو، نامياري ليکڪا نورالھدي شاھ چيو آھي ته سنڌ ۾ بينظير ۽ ڀٽو کي پ پ کان الڳ ڪري ڏٺو وڃي ٿو پر اهي سنڌ ۽ پاڪستان جو سرمايو آھن، پ پ سان اسانکي به مسئلا آھن،ا نهي هوندي پنجاب جي اسٽيج تان بيھي اسان ايئن نٿا ڳالهائي سگھون، جيئن سنڌ جي اسٽيج تي بيھي آصف زرداري کي چئي سگھون ٿا، هاتي اسانجي جان کي خطرو ناھي ـ ھن چيو ته سياستدان ۽ ليڊرشپ ۾ به فرق آهي، قائد زمين مان اڀري ٿو، نامياري صحافي اظھر عباس چيو ته بينظير انھي جنريشن جي سياستدان آھي جنهن ضياءُ جي آمريت جو تمام گهڻو تشدد برداشت ڪيو، بينظير ۽ ڀٽو تي ڳالهائڻ گھرجي پر ڇا اڄ جي پ پ ۽ حڪومت يا نام نھاد جمهوريت ۾ ايتري برداشت آھي جيڪا بينظير ۾ هئي ؟ هن چيو ته شھيد بينظير جي شھادت سان جمهوريت جي اميد به مري وئي، اڄ ڏسون پيا ته شھيد بي بي جي پارٽي انھي حڪومت جو حصو آھي ،جتي اظهار جي آزادي تي پابندي لڳل آھي سينيئر صحافي غازي صلاح الدين چيو ته بينظير انسانيت تي يقين رکندڙ عورت ھئي۔ ھو ڀٽو کان ڪافي مختلف ھئي پاڪستان جي ٻيھر زنده ھجڻ جو جيڪو امڪان ھو، اھو شھيد بينظير جي شھادت سان ئي ختم ٿي ويو ، افتخار عارف چيو ته شھيد بينظير ڀٽو پڙھيل لکيل خاتون ھئي۔ اڄڪلهه جي سياستدانن ۾ شايد ئي ڪو سياستدان پڙھندو لکندو ھوندو