بينڪنگ ڪمپنين تي 44 سيڪڙو ٽيڪس: آفيسرن لاءِ خاندان جا اثاثا ظاهر ڪرڻ لازمي قرار: قومي اسيمبلي ۾ 9 بل منظور: اپوزيشن خاموش
مَي 17, 2025
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) حڪومت خميس ڏينهن انڪم ٽيڪس بل منظوري ناڪامي بعد ڪالهه اهو بل منظور ڪرائي ورتو، قومي اسيمبلي ۾ انڪم ٽيڪس ترميمي بل سميت ست بل آساني سان منظور ڪرائي ورتا ، اپوزيشن خاموش رهي، قومي اسيمبلي رولز معطل ڪري ڪاميٽين جي رپوٽن جي اچڻ کان اڳ پيپلزپارٽي جي ميمبرن جا به ٻه ترميمي بل منظور ڪري ورتا آھن تفصيل موجب ڪالھه قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، جمعي ڏينهن ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مجموعي طور تي هڪ ڪلاڪ کان به گهٽ وقت ۾ 9 بلن جي منظوري ڏني وئي، جن ۾ 7حڪومتي ۽ 2 نجي ميمبر بل شامل آھن. پپلزپارٽي جي علي موسيٰ گيلاني ۽ شرميلا فاروقي جي نجي ميمبر بلن کي رولز معطل ڪري منظوري ڏني وئي جڏهن ته حڪومت جي منظور ٿيل 7 بلن ۾ انڪم ٽيڪس ايڪٽ ۾ ترميمي بل به شامل آھي، جيڪو بل خميس ڏينهن ڪورم پورو نه ڪري سگهڻ ڪري وفاقي حڪومت منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي هئي، ڪالھه منظور ٿيل انڪم ٽيڪس ترميمي بل تحت بينڪنگ ڪمپنين تي مالي سال 2025ع ۾ 44 سيڪڙو، مالي سال 2026ع ۾ 43 سيڪڙو، مالي سال 2027ع ۾ 42 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪئي ويندي. جڏهن ته ننڍين ڪمپنين تي 20 سيڪڙو ۽ ٻين ڪمپنين تي 29 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندي، اهڙي ريت منظور ٿيل حڪومتي ايڪسٽڊيشن ايڪٽ ۾ ترميمي بل تحت جوابدارن کي ڪنهن ملڪ حوالي ڪرڻ جا اختيار وفاقي ڪابينا بجاءِ لاڳاپيل وفاقي سيڪريٽري کي ڏنا ويا آھن، منظور ٿيل حڪومتي سول سرونٽ ايڪٽ ۾ ترميمي بل تحت گريڊ 17 کان مٿين گريڊن جي آفيسرن، انهن جي زير ڪفاڪت ٻارڙن ، گهرواري جا ملڪي ۽ غيرملڪي اثاثا ڊجيٽلي طور ايف بي آر وٽ جمع ٿيندا، اثاثن جا تفصيل ضابطن مطابق عوام لاءِ دستاب هوندا. جڏهن ته منظور ٿيل پاڪستان شهريت ايڪٽ 1951 ۾ ترميم جي بل تحت پرڏيھي ملڪن ۾ رهندڙ جن پاڪستانين جي شهريت ختم ٿيل هجي اهي درخواست ڏئي ٻيهر پاڪستان جي شهريت حاصل ڪري سگهندا، منظور ٿيل نيچرلائيشن ايڪٽ 1926 ۾ ترميم جي بل تحت ڊي جي پاسپورٽ شهريت سرٽيفڪيٽ جاري ڪري سگهندو، منظور ٿيل حڪومتي بلن ۾ فاقي انٽر بورڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ترميمي بل، اينٽي ڊمپنگ ڊيوٽيز ترميمي بل به شامل آھن. جڏهن ته منظور ٿيل ٻن نجي بلن ۾ علي موسيٰ گيلاني جو ٽريڊآرگنائيشن ايڪٽ 2013 ۾ ترميم جو بل ۽ پيپلزپارٽي جي شرميلا فاروقي جو چائيلڊ ميريج تي پابندي جو بل شامل آھي، شرميلا فاروقي جو منظور ڪيل چائلڊ ميرج تي پابندي واري بل ۾ چيو ويو آھي ته هي بل اسلام آباد تي لاڳو تصور ٿيندو، بل تحت ڪو به نڪاح رجسٽرار نڪاح ڪندڙ جي عمر 18 سالن کان گهٽ هجي ته نڪاح رجسٽر نه ڪندو، شادي وقت نادرا جي ڪمپيوٽرائيز ڪارڊ ۾ ڏنل تاريخ تحت عمر جو تعين ٿيندو، 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ نڪاح جي داخلا سنگين ڏوھه تصور ٿيند، اهڙي ڏوهه جي مرتڪب کي هن قانون تحت هڪ سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، اگر ڪو 18 سالن کان وڌيڪ عمر رکندڙ شخص 18 سالن کان گهٽ عمر جي نينگري سان شادي ڪري ته اهو به سنگين ڏوھه تصور ٿيندو، اهڙي ڏوهه جي مرتڪب کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال قيد ۽ وڌ ۾ وڌ ٽن سالن تائين سخت پورهي واري قيد جي سزا سان گڏ ڏنڊ جي سزا به ڏئي سگهبي .18 سالن جي عمر ٿيڻ کان اڳ رضامندي يا بنا رضامندي سان شادي کي هن قانون تحت نابالغ سان زيادتي تصور ڪيو ويندو، اهڙي ڏوھه ۾ ڪو نابالغ گهوٽ يا ڪنوار کي اهڙي سرگرمي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ راضي ڪرڻ، مجبور ڪرڻ، ترغيب ڏيڻ يا زبردستي ڪرڻ به سنگين ڏوھه تصور ٿيندو اهڙي ڏوھه جي مرتڪب کي گهٽ ۾ گهٽ پنج سال ۽ وڌ ۾ وڌ ست سالن تائين قيد ۽ ڏهن لکن تائين جي ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، هن منظور ٿيل بل تحت ڪو شخص شادي جي رادي سان ڪنهن ننڍي عمر جي ٻار کي اسلام آباد کي ڇڏڻ لاءِ راضي ڪري، قائل ڪري ، مجبور ڪري ،ورغلائي ، يا زبردستي ڪري ته اهو عمل ٻارڙن جي اسمنگلنگ تصور ٿيندو. جنهن ڏوهه جي مرتڪب کي گهٽ ۾ گهٽ پنج سال ۽ وڌ ۾ وڌ ست سال قيد جي سزا ڏئي سگهبي، اگر ڪوشخص ڪنهن ٻار کي شادي جي ارادي سان ملازمت ۾ رکي ٿو، پناهه ڏئي ٿو يا ڪنهن ٻئي شخص جي تحويل ۾ ڏئي ٿو ته کيس ٽن سالن تائين قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، والدين، سرپرست يا ڪو ٻيو شخص ڪنهن به ريت قانوني يا غيرقانوني طور تي ٻارڙن جي شادي کي هٿي ڏئي، بلدسلوڪي يا شادي جي اجازت ڏئي ۽ ننڍي عمر ۾شادي کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ته کين ٽن سالن تائين قيد سان گڏ ڏنڊ جي سزا به ڏئي سگهبي، هن قانون تحت ڏوھه ناقابل ضمانت ۽ مصالحت تصور ٿيندا عدالت اهڙن ڪيسن جو نوي ڏينهن ۾ فيصلو ڪندي.
اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هلندڙ خريف سيزن دوران صوبن کي پاڻي فراهمي ۽ کوٽ جي تفصيلن سان گڏ ننڍن ڊيمن جي تعمير جا تفصيل پيش ڪيا ويا، سوالن جوابن جي ڪارروائي دوران مختلف سوالن جا جواب ڏيندي، پاڻي وسلين واري وفاقي وزير معين وٽو چيو ته نيلم جهلم هائڊرو اليڪٽرڪ پاور منصوبي ۾ خراب جي تعين جي لاءِ ڪاميٽي جوڙي آهي، جيڪا جاچ ڪري رهي آهي، ٻن سالن اندر منصوبي کي بحال ڪيو ويندو. عامر ڊوگر سوال ڪيو ته نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ڀارت جي حملي سان ڪيترو نقصان ٿيو. ڀارت جي آبي جارحيت کي روڪڻ لاءِ حڪومت ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي، اسپيڪر قومي اسيمبلي چيو ته اسان جي آبي وسيلن تي حملو ٿيو، اسان کي عالمي عدالت انصاف سان رابطو ڪرڻ گهرجي. پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت طرفان تدارڪ ۽ معاوضي لاءِ مناسب فورم تي رابطو ڪيو ويندو ، حڪومت سمورن لاڳاپيل فورمز تي هي معاملو اٿاريندي، ڀارت کان غيرقانوني پاڻي جارحيت بابت جواب طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي اقبال آفريدي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويو. پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير معين وٽو چيو ته ارسا موجب 10جون تائين پاڻي کوٽ 27 سيڪڙو برقرار رهندي، تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرا مارچ ۾ گھٽ ترين سطح تي هئا، ارسا اپريل لاءِ 43 سيڪڙو پاڻي کوٽ جو ڪاٿو لڳايو هو، درياهن ۾ پاڻي آمد ۾ واڌ سان صورتحال بهتر ٿي، پهرين مئي کان پنجاب ۽ سنڌ کي ضرورت موجب پاڻي جي فراهمي جاري آهي، پنجاب کي 102 ڏهائي 3 ۽ سنڌ کي 90 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير معين وٽو ڊيم منصوبن بابت وفاقي حڪومت جي اڳڀرائي متعلق چيو ته وفاقي حڪومت 1056 ارب 98 ڪروڙ 50 لک رپين جي لاڳت سان 32 ڊيمن جي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، انهن منصوبن سان 84 لک 29 هزار 288 ايڪڙ فُٽ پاڻي ذخيرو ٿي سگهندو. منصوبن جي تڪميل سان 4 لک 36 هزار 932 ايڪڙ نئين زمين تي آبپاشي ممڪن ٿيندي. ديامير ڀاشا ڊيم 6.4 ملين ايڪڙ فُٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ آهي. درياءَ سنڌ جي آبپاشي نظام سان 45 ملين ايڪڙ فُٽ زمين تي پوکي ٿيندي. هن چيو ته صوبائي حڪومتون 83.4 ارب رپين جي لاڳت سان 79 ڊيم منصوبن کي اسپانسر ڪري رهيون آهن، انهن منصوبن سان 3 لک 77 هزار 940 ايڪڙ فُٽ پاڻي ذخيرو ٿي سگهندو. انهن مان 1 لک 9 هزار 966 ايڪڙ نئين زمين تي پوکي ممڪن بڻائي سگهجي ٿي.