بينڪ عملو اڻ پڙهيل عورت جا پئسا ڪڍرائي کائي ويو

جُون 3, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل بينڪ آف پاڪستان کي فراڊ متاثره عورت کي 87 هزار رپيا واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 ڪالهه ايوان صدر پاران جاري ڪيل بيان مطابق نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي عملي عورت جي اڻ پڙهيل هجڻ جو فائدو وٺندي کيس فراڊ جو نشانو بڻايو  هو. بينڪ عملو وڌيڪ رقم ڪڍائيندو هو ۽ ڪجهه رقم پاڻ وٽ رکندو هو ۽ عورت کي رڳو ٽي کان پنج هزار رپيا ادا ڪندو هو.

 صدر متاثره عورت کي 87 هزار رپيا واپس ڪرڻ ۽ فراڊ ۾ ملوث ملازمن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي، صدر بينڪنگ محتسب جي  حڪمن خلاف نيشنل بينڪ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

 شڪايت ڪندڙ شير محمد جو پنهنجي ڀيڻ منظور فاطمه سان نيشنل بينڪ ۾ گڏيل اڪائونٽ هو، ڀيڻ اڻ پڙهيل عورت هئي جيڪا رقم ڪڍرائڻ لاءِ بينڪ ويندي هئي، شڪايت ڪندڙ موجب اڪائونٽ ۾ اٽڪل ٻه لک رپيا پيل هئا جيڪي دوکيبازي ذريعي 11 هزار رپين تائين پهچايا ويا.

 بينڪنگ محتسب شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ فيصلو ڏنو پر نيشنل بينڪ طرفان فيصلي خلاف صدر وٽ اپيل دائر ڪئي هئي.

Leave A Comment