| بين اسٽوڪس جي ڪپتاني برقرار: ايشز ۾ بدترين شڪست باوجود ڪنهن کي به نه هٽايو ويندو: اي سي بي |
لنڊن (اسپورٽس ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ٽيسٽ بين اسٽوڪس کي ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته آسٽريليا هٿان ايشز سيريز ۾ 4-1 جي شرمناڪ شڪست باوجود ڪنهن به عهديدار کي نه هٽايو ويندو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ (اِي سي بي ) تصديق ڪئي آهي ته بين اسٽوڪس ٽيسٽ ڪپتان طور پنهنجون ذميواريون جاري رکندو، جڏهن ته هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪلم ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر راب ڪي پڻ پنهنجي عهدن تي برقرار رهندا. بورڊ جي چيف ايگزيڪٽيو رچرڊ گولڊ قبول ڪيو ته ايشز جي ناڪامي کانپوءِ ڪنهن کي به عهدي تان نه هٽائڻ وارو فيصلو شايد مداحن کي نه وڻي . بورڊ ان ڳالهه جي ترديد به ڪئي آهي ته ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪلم جي وچ ۾ ڪو تڪرار آهي. جڏهن ته شڪست جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي ان حوالي سان جلد حقيقت سامهون آندي ويندي