تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

بيٺڪيتي سياسي نظام ۽ سست قومن وارو تصور … ڊاڪٽر مبارڪ علي \  طفيل مگسي

جڏھن يورپي قومن بيٺڪيتي نظام جو بنياد وڌو ۽ ايشيا،آفريقا، امريڪا،آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ ۾ پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪيو ته انهن کي پنهنجي سياسي اقتدار، سماجي ۽ معاشي برتري جي لاءِ اخلاقي سبب جي ڳولا ٿي جنهن جي بنياد تي اهي بيٺڪيتن ۽ انهن جي رهواسين جي استحصال کي جائز قرار ڏئي سگهن.ان سلسلي ۾ ھنن “سست ۽ ڪم چور مقامي رهواسي“ جو نظريو پيش ڪيو جنهن جي تحت هن خيال کي عام ڪيو ويو ته بيٺڪيتي جا مقامي رهواسي بنيادي طور تي سست ۽ ڪم چور آھن، انهن کي ڪم ڪرڻ سان ڪو سرووڪار ناهي بيڪار رهي ڪري وقت گذارڻ انهن جي عادت آھي.ان لاءِ اهڙا ماڻھو جيڪي ڪم کان لنوائين ٿا جن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ چاھه نه هجي اهڙن ڇوڪرن ۾ نه ته حڪومت ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آھي ۽ نه ئي اهي ماڻھو تهذيب، تمدن ۽ ڪلچر ۾ ڪجهھ واڌارو ڪن ٿا ان جملي جي بنياد تي يورپي قومون نسلي طور تي انهن کان برتر ۽ باصلاحيت آھن ترقي يافتا، مهذب ۽ قومن جي حيثيت سان انهن جي اها ذميوراري آھي ته سست ۽ ڪم چور مقامي رهواسين تي حڪومت ڪن انهن جي ملڪن جي ذريعن کي استعمال ڪن ۽ انهن سست ۽ ڪم چور رهواسين کان ڏاڍ ۽ تشدد جي وسيلي ڪم وٺن ان ريت يورپي قومن کي مقامي رهواسين جي استحصال ڪرڻ جو جيڪو سبب ملي ويو ته اهي سختي سان گڏ انهن کي پنهنجي اختيار جي دائري ۾ رکن. جڏھن ڪنهن قوم جي باري ۾ اهو چيو ويندو آھي ته اها سست ۽ ڪم چور آھي ته ان کان اها مراد ورتي ويندي آھي ته هن کي ڪم سان شوق ناهي ۽ ڪم ڪرڻ جي دوران هن ۾ سگھه، جوش ۽ چاھه ناهي.هتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ڪا سموري قوم فطري طور تي سست ۽ ڪم چور هوندي آھي يا ڪجهھ طبقا؟ ۽ جيڪي طبقا سست ۽ ڪم چور جو شڪار هوندا آھن انهن جا ڪهڙا سبب هوندا آھن. ڇا اهي به  فطري طور تي سست هوندا آھن يا سماجي ۽ معاشرتي نظام انهن کي ائين بڻائي ڇڏي ٿو؟ ظاھر آھي ته ڪا قوم يا قوم جا معاشرتي يا سماجي طبقا پيدائشي طور سست ۽ ڪم چور ناهن هوندا پر حالتون ۽ معاشري جو نظام ان جي ڪردار، عادتن، فضيلتن ۽ عمل جي جوڙجڪ ڪن ٿا.
جاگيرداراڻي معاشري ۾ جتي سڄي قوت ۽ طاقت هڪ طبقي ۾ گڏ ٿي ويندي آھي ۽ ٻين ماڻھن کي محض ان قدر ملندو آھي ته مشڪل سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن ته ان صورت ۾ محض روزي جي حاصلات جي لاءِ انهن جي سموري سگھه حوالي ٿي وڃي ٿي جيڪي انهن جي صلاحيتن کي ختم ڪري ڇڏين ٿيون. ان صورت ۾ ھن کي ڪم سان به ڪا دلچسپي نٿي رهي اهائي صورتحال فيڪٽرين ۽ ملن ۾ ڪم ڪرڻ وارن مزدورن جي هوندي آھي. هو جن شين کي پيدا ڪري ٿو هو پاڻ ان کي پنهنجي استعمال ۾ نٿو آڻي سگهي. ان صورت سندس ۽ سندس ڪم جي وچ ۾ ڪو ويجهو رشتو پيدا نٿو ٿئي ۽ ڪم کان هن جي دلچسپي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ھو محض ھڪ مشين بڻجي وڃي ٿو جيڪا ڪم ڪرڻ لاءِ چرپر ڪري ٿي. الاتاس ڪم چور مقامي رهواسين جي باري ۾ ھڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”ماڻھو فطرتي سست ۽ ڪم چور ناهي هوندو جڏھن هو پنهنجون بنيادي ضرورتون ميسر ڪري وٺندو آھي ته هن جي خواهش ھوندي آھي ته اهو فالتو شيون به حاصل ڪري ۽ تحفظ جي حالت ۾ انهن کان لطف اندوز ٿئي پر جيڪڏھن ظلم جي مضبوطي هن کان هن جي ڪمائي کسي ڇڏي ۽ ھن کي ان جي ڀدلي ۾ ڪجهه به نه ڏيئي ته پوءِ هو سست ۽ ڪم چور ٿي وڃي ٿو هو صرف پنهنجيون اڄ جون ضرورتون حاصل ڪري ٿو.“ هر معاشري ۾ جتي جسماني محنت ڪرڻ واري کي نفرت سان ڏٺو ويندو هجي، اتي هاري، دستڪار، ڪاريگر۽ ھنرمند جو سماجي مرتبو هيٺين سطح تي اچي وڃي ٿو ۽ ان کي ذات ۽ موروثي طور تي ڌنڌن ۾ شريڪ ڪيو وڃي ٿو جيڪو هڪ نسل کان ٻئي نسل ۾ منتقل ٿي وڃي ٿو ان کان پوءِ انهن ذاتين ۽ ڌنڌي وارن جي لاءِ ترقي جا سمورا رستا بند ٿي وڃن ٿا ۽ اهي پنهنجين صلاحيتين جي باوجود سماجي دائري کان ٻاھر نٿا نڪري سگهن ان لاءِ جيڪڏھن معاشرو فردن کي انهن جي صلاحيت جي مطابق مقصد وارو ۽ فائديمند ڪم نه ڏيندو ته پوءِ ان وٽ بيڪار ئي فرد جنم وٺندا. رذال چيو آھي ته “سستي غربت جو سبب ناهي هوندي بلڪ اها غربت ۽ ڇڙوڇڙ جو نتيجو هوندي آھي“
يورپي قومن جڏھن ايشيا جي ملڪن کي نيون آباديون بڻايو ته هتان جو معاشرو جاگيردار معاشرو هو، هن معاشري ۾َحڪومت ۽ اقتدار جا مالڪ طبقا پنهنجي خدمت ۽ ذاتي ڪمن جي لاءِ بي حساب نوڪر ۽ خدمتگار رکندا هئا، انهن منجهان هرهڪ جي ذمي محض اھو هڪ خاص ڪم هوندو هو هٿ سان ڪم ڪرڻ، وزن کڻڻ يا محنت ڪرڻ جاگيردار طبقي جي لاءِ ضروري هوندو هو ان لاءِ جيڪڏھن يورپي قومن ان طبقي جي باري ۾ اهو تاثر قائم ڪيو ته اهي سست، ڪم چور ۽ نڪما هئا ته درست هو پر اهو تاثر سڄي معاشري ۽ ٻين طبقن جي لاءِ درست نه هو انهن کي پنهنجي روزي جي حاصلات جي لاءِ سخت محنت ۽ مزدوري ڪرڻي پوندي هئي ۽ اھو انهن ئي محنتي ۽ ڪم ڪرڻ وارن طبقن جي محنت جو نتيجو هو ته هنن ماضي ۾ شاندار تخليقون ڪيون جن جون يادگارون عظيم عمارتون، خوبصورت شيون ۽ نادر وناياب دستڪاري جا نمونا آھن جيڪي دنيا جي عجائب گهرن ۾ محفوظ انهن جي محنت وصلاحيت کي ظاھر ڪري رهيون آھن. الاتاس فلپائن، ملايا ۽ انڊونيشيا ۾ اسپين، برطانيا ۽ ھالينڊ جي بيٺڪيتي نظام تي تبصرو ڪندي هن جملي جو تاريخي ۽ عمراني نقط نظر کان جائزو ورتو آھي. هن جو چوڻ آھي ته ڇاڪاڻ ته بيٺڪيتن جا ماڻھو ڪالونيل ڪيپيٽل ازم (بيٺڪيتي سرمائيداري) جي پيداواري نظام ۾ انهن جا پوئلڳ ناهن بڻيا ان لاءِ ھنن مقامي رهواسين کي سست ۽ ڪم چور چيو انهن جي وچ ۾ محنتي جو مطلب اهو هو ته انسان عظمت کان ڪري هيٺين طبقي تي بيٺڪيتي سرمائيداري لاءِ ڪم ڪري ۽ هن جي پيداوار ۾ واڌارو ڪري جڏھن هن ان کان انڪار ڪيوته ان ڏوھه جي نتيجي ۾ هن کي سست ۽ ڪم چور سڏيو ويو. ان ڪري سستي ۽ ڪاهلي جو تصور هڪ واڌو تصور آھي جيڪو يورپي قومن پنهنجي نقط نظر سان پيش ڪيو مثلن هندستان ۾ انگريزن هر خطي جي ماڻھن کي پنهنجي خاص نقط نظر سان ڏٺو جن قومن انهن جي مزاحمت ڪئي اهي باغي سڏيا جن انهن جي پيداوار کان انڪار ڪيو اهي نشائي ۽ ڪم چور ٿيا ۽ جن انهن جي اقتدار کي تسليم ڪيو اهي بزدل سڏيا.ان جا ڪافي مثال آھن ته جڏھن مقامي رهواسين يورپي ماڻھن لاءِ ڪم نه ڪيو ته هنن انهن جي جاءِ تي ٻين قومن جي ماڻھن کي بحيثيت ڪولهي ۽ مزدور طور گهرايو. جيئن افريقا جي ملڪن ۽ ٻيٽ الغرب الهند ۾ مزدورن کي نيو ويو ۽ اتي انهن کان هيٺين درجي جا ڪم ڪرايا ويا اهي ان ڪم تي ان لاءِ مجبور ٿيا ته انهن جون ڪي پاڙون انهن ملڪن ۾ نه هيون ان لاءِ سندن بقا ان ۾ ھئي ته اهي هر قسم جي محنت ڪن.
امريڪا ۾ شروعات ۾ يورپ جي آبادڪارن هن ڳالهھ جي ڪوشش ڪئي ته اهي ريڊ انڊين کان پنهنجين پوکن ۽ کاڻين ۾ ڪم ڪرائين پر جڏھن ھنن مزاحمت ڪئي ته ان جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ افريقا کان غلامن کي آندو ويو ۽ انهن کان تشدد جي ذريعي ڪم ڪرايو ويو ڇاڪاڻ ته انهن کي بحيثيت غلام جي ڪم ۾ ڪا دلچسپي نه هئي. ملايا ۾ جتي هاري ٻنين ۾ ڪم ڪندو هو ۽ واندڪائي وقت هو ٻين ڪمن ۾ مصروف رهندو هو هن به بيٺڪي نظام ۾ انهن جي فيڪٽرين ۽ کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ان سبب کان اهي انهن جي نظرن ۾ سست ۽ ڪم چور سڏيا ۽ انهن بدران ھندستان کان مزدورن کي گهرايو ويو، بيٺڪيتي نظام جي هڪ خاصيت اها رهي آھي ته اقتدار تي قابض ٿيڻ کانپوءِ هنن سمورا اعليٰ اختيار پاڻ سنڀالي ورتا ۽ مقامي رهواسين کي محض اوزار طور استعمال ڪيو ان لاءِ جڏھن هڪ قوم جا اختيار کسيا وڃن ته ان جي ذھني ۽ تخليقي صلاحيتون پاڻيھي پاڻ ختم ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿيون. ان کانسواءِ ھنن پنهنجي اقتدار کي مضبوط رکڻ خاطر تشدد کان ڪم ورتو هر قسم جي مزاحمت کي سختي سان ڇٿيو ويو ۽ انهي شڪ تي ماڻھن کي اذيتون ڏنيون ان ڪري اهڙي ماحول ۾ مقامي ماڻھو ڊنل رهيا ۽ پنهنجن صلاحيتن کي مڪمل طور تي اسعمال نه ڪري سگهيا. حقيقت ۾ بيٺڪيتي نظام ۾ سست ۽ ڪم چور طبقو انهن يورپين جو هو جيڪي انهن ملڪن ۾ بحيثيت حڪمران هئا پنهنجي سماجي ۽ سياسي حيثيت کان فائدو وٺندي انهن يورپي خاندانن پنهنجي ذاتي آسائشن ۽ آرام خاطر بي حساب ملازم رکيا هئا جيڪي انهن جي هر ضرورت کي پورو ڪندا هئا انهن جي خواهش اها هوندي هئي ته ٻيا انهن جو ڪم ڪن ۽ جيتوڻيڪ اهي ان کان انڪار ڪندا هئا ته اهي کين سست ۽ ڪم چور سان تعبير ڪندا هئا.مثلن هندستان ۾ هڪ يورپي خاندان جي خدمت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 57نوڪر ۽ خدمتگار هوندا هئا جن ۾ بورچي، درزي، ڪولهي، ٽانگي وارو، حقي وارو، چوڪيدار ۽ ڀنگي هوندا هئا. هڪ معمولي فوج جو ڪپتان جڏھن ڪنهن مهم تي ويندو هو ته هن سان گڏ سائن، نائب سائن، حجم، ڌوٻي ۽ 15 ڪولهي سامان کڻڻ لاءِ ھوندا هئا. ان لاءِ سست ۽ ڪمزور مقامي رهواسين جو جملو محض بيٺڪيتن جي استحصال لاءِ پيدا ڪيو ويو نه ته انهن بيٺڪيتن کان جيڪا دولت ڦرلٽ جي وسيلي يورپ ويندي رهي اها هتان جي مقامي رهواسين جي محنت ومشقت جو نيتجو ئي هوندي هئي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *