| بيٽنگ بعد قومي ٽيم جي بالنگ به هلي وئي: ويسٽ انڊيز سليڪٽ اليون جا 8 رانديگر 268 تي آئوٽ: محمد علي جون 3 وڪيٽون |
ٽروبا(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ۾ قومي ٽيم جي بيٽنگ بعد بالنگ به هلي پئي، سليڪٽ اليون جا 8 رانديگر 268 تي آئوٽ ڪري ورتا، محمد علي 3 وڪيٽون وٺي ويو. ٽروبا ۾ 4 ڏينهن واري پريڪٽس ميچ جي ٻئين ڏينهن قومي ٽيم جي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 255 رنسن تي اننگ ڊڪليئر ڪرڻ سبب ويسٽ سليڪٽ اليون پنهنجي پهرين اننگ شروع ڪئي، ويسٽ انڊيز سليڪٽ اليون جا بيٽر پاڪستاني ٽيم جي بالنگ اڳيان بيوس بڻجي ويا، ڪيوم هوج 92 ۽ ٽيگ نارائڻ چندرپال جي 51 رنسن کانسواءِ ڪوبه بيٽر وڏي اننگ کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو. جيد گولي 44 رنسن جي اننگ سان ڪجهه مزاحمت ڪئي، ٽيرين هائينڊز به رڳو 24 رنسون ٺاهي سگهيو، راند جي پڄاڻي تائين ويسٽ انڊيز سليڪٽ اليون جا 8 بيٽر 268 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا هئا، جڏهن ته کيس قومي ٽيم جو اسڪور برابر ڪرڻ لاءِ اڃا به 187 رنسون گهربل هيون. قومي ٽيم پاران محمد علي شاندار بالنگ ڪرائيندي 3 وڪيٽون ورتيون، نوجوان بالر علي عثمان ۽ عامر جمال 2-2 ۽ عباس هڪ وڪيٽ ورتي.