بيٽ جو ڇا ٿيندو؟ اليڪشن ڪميشن ۽ پي ٽي آءِ آمهون سامهون، چونڊ نشان چيلينج، توهين عدالت جي درخواست داخل

جنوري 12, 2024

اسلام آباد(بيورو/ م ڊ) بئٽ جي نشان لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ پي ٽي آءِ آمهون سامهون، بئٽ جي معاملي تي پي ٽي آءِ پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ پهچي وئي، پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت ۽ اليڪشن ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي، پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي درخواست ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي اڄ  ٿيندي، پي ٽي آءِ موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن عدالتي حڪم باوجود سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪري توهين عدالت ڪئي آهي، بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ وڃڻ چاهي ٿي ته اهو سندن حق آهي، اليڪشن ڪميشن پابند آهي ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي فوري عمل ڪري، هو اڄ رات اميدوارن لاءِ پارٽي ٽڪيٽس جو اعلان ڪندو، عدالتي حڪمنامو اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي چڪا آهيون، شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي.. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي بيٽ جو چونڊ نشان ڏيڻ واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي،  پشاور هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ کي بيٽ جو چونڊ نشان جاري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا، سڌسماءَ واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن جي پٺيان بيٺل آهي، اسلام آباد ۾ تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته اليڪشن ڪميشن کي سهولتن جي فراهمي نگران حڪومت جي ذميواري آهي، چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون. ٻئي طرف پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن خلاف پي ٽي آءِ جي توهين عدالت واري درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي، جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس وقار احمد تي ٻڌل 2 رڪني بينچ اڄ  درخواست تي ٻڌڻي هلائيندي، پي ٽي آءِ عدالتي حڪم باوجود بيٽ جو چونڊ نشان نه ملڻ تي اڄ اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي حڪم باوجود اليڪشن ڪميشن بيٽ جو چونڊ نشان الاٽ نه ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي ويب سائيٽ تي چونڊ نشانن جي لسٽ ۾ به بيٽ کي شامل نه ڪيو آهي، درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ۽ بيٽ جو چونڊ نشان جلد جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي.

Leave A Comment