بيٽ کسجي وئي: پي ٽي آءِ اميدوار آزاد، جوتو، ويل چيئر، چمٽو، چينڪ سوڌو ڌار ڌار نشان الاٽ

جنوري 15, 2024

ڪراچي (م ڊ) بيٽ کسجي وڃڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ اميدوارن کي آزاد حيثيت ۾ الڳ الڳ چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويا، پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر خان ۽ مشتاق غني کي چينڪ نشان ڏنو ويو، عمر ايوب ۽ ياسيمن راشد کي ليپ ٽاپ، اسد قيصر کي ويل چيئر، زين قريشي ۽ شعيب شاهين کي جوتو، لطيف کوسه کي انگريزي اکر ڪي جو چونڊ نشان الاٽ ڪيو ويو، اڳوڻي وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه کي مور، عمير نيازي کي دروازو ۽ عاليه حمزه کي ڊائس جا نشان الاٽ ڪيا ويا، پي ٽي آءِ جي اميدوارن مان ڪنهن کي رولر ڪوسٽر جو چونڊ نشان مليو ته ڪنهن کي اسٽيبلائيزر جو نشان مليو، وزيرآباد مان پي ٽي آءِ اميدوار احمد چٺا پنهنجي لاءِ پيالو پسند ڪري ورتو، اين اي 150 تان زين قريشيءَ کي جوتي جو چونڊ نشان الاٽ  ٿي ويو، اين اي 151 تان مهربانو قريشي کي چمٽو چونڊ نشان مليو، اين اي 152 تان عمران شوڪت کي ٽنل الاٽ ٿيو، اين اي 132 تي ڊاڪٽر رياض لانگ کي راڪيٽ مليو،  اين اي 148 تي بئرسٽر تيمور ملڪ ۽ اين اي 149 تي ملڪ عامر ڊوگر کي گهڙيال جو نشان الاٽ، اين اي 38 جي اميدوار شاهد خٽڪ کي  باجو الاٽ ٿيو،  پي ڪي 97  جي اميدوار خورشيد خٽڪ کي پيراشوٽر ۽ پي ڪي 98 جي اميدوار سجاد بارڪوال کي چونڊ نشان ٽرانسفارمر ڏنو ويو.

Leave A Comment