بيڊ گورننس ۽ ڪرپشن: ڪي پي سرڪار ۾ اختلاف، ميمبرن جي وڏي وزير سان بغاوت، مخالف ڌڙو قائم

آگسٽ 10, 2024

پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪِ انصاف خيبرپختونخوا جي قيادت ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن. پارٽي ذريعن موجب،خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف اڳوڻن ۽ موجوده قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن تي ٻڌل گروپ متحرڪ ٿي ويو آهي.
پي ٽي آءِ جي ناراض گروپ کي گورننس ۽ مبينا ڪرپشن تي خدشا آهن، ڪاوڙيل وزير کاتن ۾ علي امين گنڊاپور جي غير معمولي مداخلت تي به چڙيل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽڪيٽن جي ورڇ وقت وڏي وزير علي امين گنڊاپور روپوش هو، عاطف خان صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ نه ملڻ تي علي امين گنڊاپور سان ناراض ٿيو هو، صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر نه بڻجڻ تي عاطف طن وڏ وزارت جي ڊوڙ کان ٻاهر رهيو، ٽڪيٽن جي ورڇ دوران نظر انداز ڪرڻ تي عاطف خان پارٽي قيادت خلاف بيان بازي به ڪئي هئي .
ٻئي پاسي پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ باني جي نامزد اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪيون هيون، عاطف خان کي صوبائي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو به پي ٽي آءِ باني ڪيو هو. ذريعن موجب، گورننس تي صوبائي وزير شڪيل خان پي ٽي آءِ باني کي شڪايتون به ڪيون هيون ۽ ان حوالي سان پريس ڪانفرنس به ڪئي هئي، پريس ڪانفرنس دوران شڪيل خان صوبائي حڪومت تي سنگين الزام لڳايا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناراض گروپ پرويز خٽڪ محمود خان جي حڪومتي دور ۾ به متحرڪ هو، جڏهن ته اڳوڻي وڏي وزير محمود خان پي ٽي آءِ باني جي منظوري سان ٽن وزيرن کي ڪابينا مان هٽايو هو. ميمبرن جي تازي بغاوت کانپوءِ وڏي وزير گنڊاپور لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون آهن. هوڏانهن خيبرپختونخواهه ڪابينا جي ميمبرن جي ڪارڪردگي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. جنهن تحت چئن صوبائي وزيرن جي ڪارڪردگي غير تسلي بخش قرار ڏني وئي جڏهن ته 7 صوبائي وزيرن جو ڪم نارمل، 6 جي ڪارڪردگي سٺي ۽ 5 صوبائي وزيرن جي ڪارڪردگي بهترين قرار ڏني وئي آهي. وڏو وزير علي امين گنڊاپور باني پي ٽي آءِ کي رپورٽ پيش ڪندو.

Leave A Comment