بيڪ ڊور ڳالهين جي ڄاڻ ناهي پر صدر ايوان جي فلور تي ڪئنالن جي مخالفت ڪئي: مراد علي شاهه
اپريل 4, 2025
نئون ديرو(رپورٽ: نور محمد سومرو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته منهنجي وزيراعظم کي درخواست آهي ته ڪئنال منصوبو بند ڪرڻ جو فوري اعلان ڪري، ڪئنالن واري معاملي تي بيڪ ڊور ڳالهين جي خبر ناهي پر صدر زرداري پارليامينٽ جي فلور تي ڪئنالن جي مخالف ڪئي هئي، ڪئنالن واري معاملي تي سنڌ جو ڪيس تمام مضبوط آهي، جنهن لاءِ مان پراعتماد آهيان، اسان ڪيس ايترو ته مضبوط آهي جو هو ڪئنال ڪڏهن به ٺاهي نه ٿا سگهن، پهريان بهانو هو ته صدر منظوري ڏني آهي پر هاڻي انهن به مخالفت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته ڪئنالن خلاف احتجاج ڪيو پر اسان خلاف احتجاج نه ڪيو، ڪئنالن جي مخالفت ڪئي وڃي پيپلز پارٽي جي نه، ڪئنالن واري معاملي تي غلط ڳالهيون ڦهلائي پيپلز پارٽي کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. ڪئنال هنن کان وڌيڪ اسان جو معاملو آهي، پيپلز پارٽي سنڌ جي مفادن ۽ ڪئنالن جي معاملي تي هر شيءَ جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڪئنال ٺاهڻ نه ڏيندي. هن چيو ته سنڌي چئنلز ڪئنالن جي حوالي سان غلط خبرون ڦهلائي رهيا آهن، مان مروٽ ڪئنال جي اڏاوت جي سختيءَ سان ترديد ٿو ڪيان، ڇاڪاڻ جولاءِ ۾ ڪئنال جي ڪجهه پروفائيلنگ ڪئي وئي هئي جيڪا 2 يا 4 فوٽ ٺاهي وئي آهي، جڏهن منظوري ئي نه ملي آهي ته پوءِ ڪئنال ڪيئن ٺهندو. هن چيو ته ڪوڙ ۽ ڪهاڻين تي ٻڌل ڳالهيون نه ڪيون وڃن، اسان جي سپورٽ سان حڪومت هلي رهي آهي، پيپلز پارٽي جي ايم اين ايز جي بغير حڪومت ڪري پوندي، جيڪڏهن ڪئنال ٺهيا ته اسان حڪومت کان پنهنجي سپورٽ واپس وٺنداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي مٿان هميشه الزام لڳندا رهيا آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو تي به الزام لڳايو ويو هو ته هن ڪالاباغ ڊيم جي لاءِ پئسا رکيا آهن. هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس لاءِ ڪيترائي ڀيرا وفاقي حڪومت کي لکيو ۽ چيو به آهي پر اجلاس جي حوالي سان ڪو به جواب ناهي مليو، ان مان ظاهر آهي ته وفاقي حڪومت گڏيل مفادن ڪائونسل واري اجلاس کان ڀڃي رهي آهي پر هو ڀڄي نه سگهندا ڇاڪاڻ آئين ۾ لکيل آهي ته هر ٽئي مهيني گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻو آهي جيڪو 5 کان وڌيڪ ڀيرا نه سڏايو ويو آهي. هن چيو ته ڪئنال منصوبو پنجاب حڪومت سي ڊبليو پي ۾ کڻي آئي جتي وفاق ۽ سنڌ منصوبي جي مخالفت ڪئي، صوبن وچ ۾ اختلافن کي هوا ڏيڻ وارا هن معاملي کي هوا ڏئي رهيا آهن، سڀني کي خبر آهي ته صوبن وچ ۾ هم آهنگي ڪيتري ضروري آهي. هن چيو ته هن سال ڪڻڪ جي قيمت حڪومت مقرر نه ڪندي ۽ ريٽ جو مارڪيٽ ۾ فيصلو ٿيندو، سنڌ حڪومت هارين کي جائز قيمت ڏيارڻ لاءِ هڪ اسڪيم تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن هارين کي پنهنجي فصل جي مناسب قيمت ملي سگهي. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ايم پي اي ندا کهڙو ۽ ٻين سان گڏجي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ لاڳاپيل آفيسرن کيس ورسي انتظامن بابت بريفنگ ڏني.