بي اعتمادي رِٿ بعد صدر پاران غيرآئيني طريقي سان اسيمبلي ٽوڙڻ غداري جي زمري ۾ اچي ٿو: سپريم ڪورٽ

نومبر 3, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته  بي اعتمادي رِٿ بعد صدر پاران غيرآئيني طريقي سان اسيمبلي ٽوڙڻ غداري جي زمري ۾ اچي ٿو

90 ڏينهن ۾ چونڊن بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران سُپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته بي اعتمادي رِٿ بعد ملڪ ۾ سياسي بحران پيدا ٿيو، صدر پاران بي اعتمادي بعد قومي اسيمبلي ٽوڙڻ غيرآئيني عمل هو

عدالت پاران چيو ويو ته بي اعتمادي بعد وزيراعظم جي ايڊوائيس تي صدر اسيمبلي ٽوڙي نٿو سگهي، غيرآئيني طور اسيمبلي ٽوڙڻ غداري جي زمري ۾ اچي ٿو

سپريم ڪورٽ چيو ته حيران ڪن طور صدر وٽ اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار نه هو، پر هُن اسيمبلي ٽوڙي، جڏهن ته صدر وٽ تاريخ ڏيڻ جو جيڪو اختيار هو، اُهو استعمال نه ڪيو ويو

عدالت چيو ته آئيني ڀڃڪڙي جو آپشن ڪنهن وٽ به ناهي، اليڪشن ڪميشن ۽ صدر سوڌو هر ادارو آئين تي عملدرآمد ڪرڻ جو پابند آهي

Leave A Comment