بي انت بحران
مَي 15, 2023
عمران خان جي گرفتاريءَ ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻرندڙ باهين ننڍڙي ئي سهي پر هڪ اهڙي بغاوت جو منظر پيش ڪيو، جنهن جو مثال هن مهل تائين ملڪ جي تاريخ ۾ ملڻ محال ئي نه ناممڪن آهي. ڪور ڪمانڊر لاهور جي سڙندڙ سرڪاري گهر مان ٿيندڙ لٽ مار جا منظر عالمي ميڊيا ۾ انهن مورن سميت محفوظ ٿي چڪا آهن، جن تي هن مهل تائين معصوم ۽ تلخ تبصرا ٿي رهيا آهن. جي ايڇ ڪيو تي ٿيندڙ هلان ۽ پشاور ۾ سڙي پاڻ خبر ٿي ويندڙ ريڊيو پاڪستان جو حشر ڏسي آءِ ايس پي آر جيڪو ڀڙڪندڙ بيان جاري ڪيو، ان جي موٽ ۾ عمران خان جو جواب سياسي مبصرن کي لاجواب نه پر “لاسوال” ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
عمران خان جي ڊرامائي گرفتاري ۽ ان وڌيڪ ڊرامائي آزاديءَ سبب ملڪ جون سياسي حالتون ٺاپر ۾ اچڻ بدران وڌيڪ غيريقيني صورتحال جي ور چڙهي ويون آهن. هن وقت پاڪستان اهڙين سياسي حالتن جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، جهڙين حالتن جو ذڪر اوائلي شاعري “گل گميش” ۾ ٿيل غلامن جي بغاوت واري باب ۾ آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته: حالتون ڪنڀر جي چڪ وانگر ڦري رهيون آهن ۽ ڪنهن کي ڪجهه به پتو نه ٿو پوي ته ايندڙ پل ۾ ڇا ٿيندو؟ پر هي ته ڪو ماضيءَ جو منظوم قصو ناهي. هي ته ملڪ جو سياسي منظرنامو آهي. پر اهو ايترو ته پيچيده ۽ ايترو ته منجهيل ۽ مروڙيل آهي جو چڱا ڀلا سياسي پنڊت ان جو پتو لڳائڻ ۾ ڪامياب قرار نه ڏنا ويا آهن ته آخر اهو سڀ ڪجهه ڪنهن جي آشيرواد تي ٿي رهيو آهي؟ هن سياسي ڊارمي جا اصل ڊائريڪٽر ڪير آهن ۽ هن جو ڊراپ سين ڪهڙو ٿيندو؟ ان باري ۾ ڪوئي ڪجهه چوڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچي رهيو آهي.
ملڪ ۾ هلندڙ معاملن سبب هن وقت سياسي بحران چوٽ چڙهي چڪو آهي. خبرن وارا اهي عالمي ادارا جن کان هي ملڪ ذري گهٽ وسري ويو هو، هاڻي اهي بار بار بريڪنگ نيوز نشر ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ڀارت جي بنهه ٻيگهي مچي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا پاڪستان کان پلاند ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ مبتلا آهي. حڪومت پاران سوشل ميڊيا مٿان پابندي عائد ڪرڻ جي باوجود به سڀ معلوم ٿي رهيو آهي ته ڇا پيو ٿئي؟ پر ان سلسلي ۾ ڪو به اڳڪٿي ڪري نه ٿو سگهي ته هاڻي ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو؟
اها ڪنهن به ملڪ جي لاءِ ڪنهن به طرح سان بهتر صورتحال سوچي ۽ چئي نه ٿي سگهجي جو ان ملڪ جي عوام توڙي اسٽيبلشمينٽ کي به معلوم نه هجي ته معاملو ڇا ٿيڻ طرف وڌي رهيو آهي؟ جڏهن به ڪا رياست اهڙو ٻيڙو بڻجي وڃي، جنهن جو ڪو رخ نه هجي ته پوءِ ان ۾ سوار مسافرن جو حال ڪهڙو هوندو؟ هن وقت ملڪ جي ماڻهن جي اصل ڪيفيت ڪجهه اهڙي آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ به تمام گهڻو مشڪل آهي.
عمران خان ۽ حڪومت جو جهيڙو ته پراڻو هو. جڏهن ته اهو ڪنهن کي نه علم هو ۽ نه وري ڪو اندازو لڳائي ٿي سگهيو ته ڪا اهڙي صورتحال به پيدا ٿيندي جو هيءَ رياست ان جهيڙي کي ميڙي سهيڙي ڪنهن سرچاءَ طرف وٺي وڃڻ بدران انهيءَ ويڙهه ۾ پاڻ به ورهائجي ويندي! هن وقت پاڪستان جي باري ۾ سوشل ميڊيا تي اهي تبصرا ٿي رهيا آهن. هر وڏي ۽ ننڍي سياسي مبصر جو موقف آهي ته هڪ طرف حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ آهي ته ٻئي طرف عمران خان ۽ عدليا آهي. هاڻي ان ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ جيڪو نقصان ملڪ ۽ عوام جو ٿي رهيو آهي، ڇا ان جو ڪو ازالو ممڪن محسوس ٿي رهيو آهي؟ ان سوال جو سادو جواب آهي، نه!
پاڪستان جي سلسلي ۾ سدائين اهي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن ته،“ملڪ نازڪ موڙ تان گذري رهيو آهي” حقيقت اها آهي ته هن وقت سڀني کي نه صرف محسوس ٿي رهيو آهي پر نظر به اچي رهيو آهي ته نازڪ موڙ ڇا ٿيندو آهي ۽ ان تان گذرندي عوام ڇا محسوس ڪندو آهي؟
دنيا ۾ ڪو به اهڙو ملڪ ناهي، جنهن ملڪ ۾ سياستدان گرفتار نه ٿيندا هجن ۽ اهي جيل ڀيڙا نه ڪيا ويندا هجن پر پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ عمران خان جي گرفتاري گهرو ويڙهه جو خطرو بڻجي وڃي ٿي. عمران خان صرف هڪ هفتي لاءِ نيب جي رمانڊ ۾ ڇا ويو؟ ملڪ جي وڏي صوبي جي وڏي شهر لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر جو گهر سڙي رک ٿي ويو ۽ فوج جي مرڪزي دفتر ۾ احتجاج ڪندڙ ماڻهو گهڙي پيا. اهو ڪجهه ته اسان ڪڏهن آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن جي باري ۾ پڙهندا هئاسين. اسان کي ان مهل تر جيترو اندازو نه هو ته ڪي اهڙا بحراني بادل اسان جي ملڪ مٿان به وسي سگهن ٿا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڀارت جهڙي طرح جهمريون پائي رهيو آهي، ان کي محسوس ڪرڻ گهرجي ته جيڪو ڪجهه پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي، ان کان وڌيڪ ڀارت ۾ به ٿي سگهي ٿو. ڇو ته هن وقت دنيا جي تختي تي اهڙا ملڪ تمام مختصر تعداد ۾ موجود آهن، جن ملڪن جي ماڻهن کي انصاف ميسر هجي. انصاف حاصل هجڻ جو احساس ئي تمام وڏي ۽ اهم ڳالهه هوندي آهي. پاڪستان جي بدقسمتي اها آهي ته هتي ٻه لفظ تمام گهڻا خوار ڪيا ويا آهن، هڪ انصاف ۽ ٻيو احتساب!
هن ڀيري به جيڪو ڪجهه ٿيو ۽ جتان بحران جي باهه ڀڙڪو کاڌو آهي، اهو هنڌ احتساب جو هو. نيب عمران خان کي زوريءَ زبردستيءَ ٻڌي قيدي ڪيو. عمران خان جي اهڙي گرفتاريءَ جا منظر ڏسي هن جا اهي حامي صبر جون سموريون حدون اورانگهي ويا، جيڪي ڪارڪن گهٽ ۽ عقيدت مند وڌيڪ آهن. جيتوڻيڪ عمران خان وٽ ملڪ کي هلائڻ ۽ اڳتي وڌائڻ جو ڪو به مناسب پروگرام ناهي. هن جو نظريو منڍ کان وٺي موجود ناهي. هو صرف حق حاڪميت گهرندو رهيو آهي ۽ هن وقت به گهري رهيو آهي، هن کي اهو معلوم ناهي ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪيئن ڪڍي سگهبو؟ هو صرف حڪومت ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي ۽ جيڪڏهن هن کي حڪومت نه ٿي ملي ته پوءِ هن کي نه ملڪ جي پرواهه آهي ۽ نه وري کيس عوام جي ڳڻتي آهي. هن وقت به جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ڪجهه تمام گهڻو خطرناڪ آهي. ڇو ته ڪنهن به ملڪ جو عوام جڏهن پنهنجي ملڪ جي اهم ادارن ۽ اثاثن جي مٿان حملا ڪرڻ لاءِ چيلهه کي سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهي پوي ته پوءِ ڇا ٿي سگهي ٿو؟
دنيا ۾ ڪو اهڙو ملڪ مشڪل هجي، جتي ڪو ننڍي وڏو بحران نه هجي پر پاڪستان جي سلسلي ۾ تمام گهڻي پريشانيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هن ملڪ ۾ موجوده بحران تمام گهڻو گهرو نظر اچي رهيو آهي. اهو ايترو ته گهرو آهي جو ان جي اصل انت جو به ڪو پتو پار نه ٿو پوي. هڪ مڪمل بي يقينيءَ جو عالم آهي. ان ۾ ڪنهن کي ڪا پڪ ناهي ته ڇا ٿيندو؟ هر ڪنهن کي اهو خوف آهي ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو؟ پاڪستان ۾ ڪجهه ڳالهيون هن ڀيري بهتر به آهن. انهن بهتر ڳالهين ۾ فوج جو مجموعي رويو به آهي. ڇو ته پاڪستان ۾ اها پراڻي روايت رهندي آئي آهي ته جڏهن به حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ ڪو ٽڪراءُ پيدا ٿيندو آهي ته فوري طور تي هر ڪنهن کي مارشلا جو خطرو نه رڳو محسوس ٿيندو آهي پر هتي اسان پنهنجين اکين سان جمهوريتون جهرندي ڏٺيون آهن ۽ آمريتون لڳندي ڏٺيون آهن پر هن وقت هجي عالمي، علاقائي ۽ ملڪ داخلي صورتحال سبب هن ماحول ۾ مارشلا لڳائڻ جا حامي به پنهنجن چپن تي چپ جو ليپ لڳائي ويٺا آهن. جڏهن ته افواهن جو طوفان پنهنجي پوري شدت سان جاري آهي. گذريل رات جيڪي افواهه هلي رهيا هئا، انهن جو ٻنجو بند ڪرڻ لاءِ نيٺ آءِ ايس پي آر پاران ان معاملي جي وضاحت ڪئي وئي ته فوج ۾ ڪنهن به قسم جو انتظامي بحران ناهي ۽ نه ڪو استعفيٰ ٿو ڏئي ۽ نه وري ڪو حڪم عدولي ڪرڻ جي حوالي سان ڪو واقعو رونما ٿيو آهي.
پاڪستان جي ويجهي ته ڇا پر پراڻي تاريخ ۾ اهو ڪجهه نه ٿيو آهي، جيڪو ڪجهه هاڻي ٿي رهيو آهي. پر اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اهو سڀ ڪجهه اوچتو ناهي ٿيو. اهو سڀ گذريل 75 سالن کان وٺي پلجندڙ بحراني مادو آهي، جيڪو هاڻي ڦاٽ کائي ٻاهر نڪري رهيو آهي. هي لاوا جنهن انداز سان ملڪي ادارن تان هيٺ وهي رهيو آهي ۽ ان جي آڏو بند ٻڌڻ ڪنهن لاءِ ممڪن نه رهيو آهي ته ان ۾ به هڪ سوچيل سمجهيل ۽ مفادن تي ٻڌل ڪردار رهيو آهي.
اسان جا ادارا اهو ڪجهه لڻي رهيا آهن، جيڪو ڪجهه گذريل ستن ڏهاڪن ۾ پوکيو ويو. اسان ڪنڊا پکي گلاب لڻڻ جي تمنا ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟ اسان ايتري حماقت ڪٿان آندي آهي؟ اسان کي سمجهڻ گهرجي ته هن ملڪ جي روڳن جو مناسب ۽ مڪمل علاج ڪرڻ بدران پاليسين جي پٽين کان زخم ڍڪڻ جو ڪم ورتو ويو. اڄ ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اسان جي ملڪ ۽ اسان جي رياست جو روڳ تمام گهڻو وڌي ويو آهي. وطن جي وجود جا زخم تمام گهڻا گهرا آهن. جيڪڏهن انهن جو بروقت علاج ڪيو وڃي ها ته هي ڦٽ گهڻو وقت اڳ ڇٽي چڪا هجن ها. پر اسان وٽ سدائين لڪائڻ ۽ سچ کي پوشيده رکڻ جي پاليسيءَ تي ڪم ڪيو ويو .
ڪاش! اسان کي اهو احساس هجي ها ته ڪنهن به غلط شيءَ کي هميشه لاءِ ڳجهو رکي نه ٿو سگهجي. هر ڏوه ۽ هر پاپ پنهنجي مناسب وقت تي ائين ڦاٽي ظاهري ٿيندو آهي، جيئن هن وقت آمريت ۽ آمريتي جمهوريت جا ڪرتوت ملڪي بحران جي صورت ۾ سامهون آيا آهن. جڏهن اسان انهن بحران کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته اسان کي ان جو ڪو ترو نظر نه ٿو اچي. اسان جو بحران ڪيترو نه ڪشادو ۽ ڪيترو نه بي انت آهي!!