تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

بي انت ڳالهين جا ڳوٺ….!!!ڪيلاش ميگهواڙ

ڪڏهن ڪڏهن ڪتاب پڙهندي ماڻهو جو من رات جي پهر ۾ اڌ اڀرندڙ چنڊ ٿي پوندو آھي،زندگي افساني کان ڊگهي ٿيندي ڪهاڻي کيتر تي بيهندي وڃي ناول ٿي پوندي آھي.ننڍڙيون شيون وڏيون لڳنديون آھن وڏيون شيون ننڍيون پيون لڳنديون آھن. جهڙالي راتين ۾ رڱيل پراسراريت جا ڊگها نيڻ هجن يا کڻي بي انت ڳالهين جا ڳوٺ ترسيل هجن پر اُتي انساني سوچ جو ملبوساتي ڪپڙو دل جي تک تارن سان ڳنڌيل هوندو ئي هوندو. آفريڪا جي هڪ يونيورسٽيءَ جي دروازي تي انتهائي ماٺيڻي قدر لکيل آھي ته ڪنهن به قوم کي تباهه ڪرڻ لاءِ ائٽم بمن ۽ ميزائلن جي ضرورت ناهي هوندي انهي قوم کي صرف تعليم جو معيار کان ڪيرائي ڇڏيو جئين اهي وري نئين ترديد نه ساري سگهن. اسڪولي شاگردن کي نقل ڪرڻ تي هيرائي ڇڏيو ته اها قوم پاڻ ئي تباھه ٿي ويندي.بي انت ڳالهين جي ڳوٺ ۾ عورتون رُليون آھن. ليڊي ڊايانا پنھنجي هڪ ديداوري انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته هن دماغ بدران دل سان جيئڻ چاهيو. اها حقيقت آھي ته هر حال ۾ پنهنجي خوبياڻي جذبن کي نئين سرت ساڃاھه سان عشق جي نظرين طرف رخ ڦيرائي وجهندا آھن انهن کي هميشه پيار جي خوشبوءُ سڳنڌ محسوس ٿيندي آھي جيڪا ٻن دلين کي ويجهو هوندي آھي. سچ ته هوءَ عظيم عورت هئي جنهن جي دل ملائم ٽارين جيان محبتن جي رخصتن سان ٽمٽار هئي جئين مرحوم کي يادگيرين جي ڀيلاڙا اکين ۾ لڙڪن جي سرڪن کي ڀيڙائيندا آھن جيئن آسماني بتي بس چانڊوڪي ۾ ڀلوڙ لڳندي جتي خيالن جي ڏي وٺ ماريندي ناهي جتي ته احساسن جا الوٽا وجداني ۾ رقص ٿيندا آھن پر وري به سچ اهو آھي ته ماڻهو پنهنجي مُڙي ويل زندگي جي افساني تي همسري جي هلواڻ بابت حيات تي نگاھه وجهي خاموشين ڀيڙا ٿي ويندا آھن پوءُ به ڇو ڀلا ٿي اڄ ڏينهن تائين ماڻهن دماغ بدران دلين سان کيڏيو آھي ۽ دلين بدران دماغ سان جيئا آھن!
شاعرن جي سرزمين ۾ سونهن سچ ۽ ساڃاھ جهڙي پريت رکندڙ صنفن بي انت ڳالهين جا ڳوٺ ليٽايل آھن. رقص ڪيئي چاندنيون وڃايل زندگانيون لڳنديون آھن جتي من کي من وڻندو آھي. خوبصورت شاعره مايا اينجلو جو دلڪش بدن جهڙو نظم آھي جنهن کي سنڌي ۾ تاج سروهي ترجمو ڪيو آھي،خوشگوار موڊ ۾ پڙھڻ جي ضرورت!!
مان وري اٿندس
تون تاريخ ۾ منهنجو ذڪر ڪري سگهين ٿو
پنهنجي تلخ ۽ من گهڙت ڪوڙن سان
تون مونکي مٽيءَ ۾ ملائي سگهين ٿو.
ليڪن مان ان مٽيءَ مان هڪ ڀيرو وري اٿندس.!!
بلڪل چنڊ ۽ سج وانگر
پُر اعتماد لهرن جي
ان اميدن وانگر
جيڪي گهڻو اوچائي تي اُڏامي رهيون آهن.
مان به هوا ۾ اڏامندس.!!
ڇا تون مونکي هارايل ڏسڻ چاهين ٿو؟
جهڪيل ڪنڌ ۽ جهڪيل اکين سان؟
اکين مان ڪرندڙ ڳوڙهن سان،
ٿڪل ڪلهن وانگر
پنهنجي روح ۾ ڀريل
ڪمزور رڙين سان …!
ڇا منهنجو پراعتمادي رويو توکي ڪاوڙ ڏياريندو آهي؟
ڇا منهنجي شخصيت تنهنجي لاءِ
هڪ سزا ناهي.
جو مان دل کولي کلندي آهيان.
ڄڻ منهنجي گهر ۾ سون جون کاڻيون آهن.
جيڪي منهنجي گهر جي اڱڻ مان نڪرنديون آهن.!!
پر هجوم گليون به اهي کنڊر گام لڳندا آھن جيڪو ڪنهن مام جي شام لڳندا لڳندا آھن. زندگي ۾ انيڪ حادثا به ٿيندا رهندا آھن جيڪو برابر حادثا ٿيڻ به کپن ٿا ڇاڪاڻ ته زندگي خود حادثو جنهن کي سمجهڻ وارو ڳوٺ جي رومانسي نظاري جهڙو دماغ کپي. فهم فڪر عقل سوچ جي سمجھه دلين وارا اڳيئي زماني کان ڄاڻندا پيا اچن. ها! پر پيارا سائين هتي ته هاڻي ڳوٺاڻن جي ڌنارن جون چلولايئن بادلن جا ڦڙا لڳنديون آھن.جيون ۾ مڌ جهڙي من مستي جا مثال به اُتي نرالا هوندا آهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *