بي بي ايل: شاداب خان سڊني ٿنڊر کي ميچ کٽرائي ويو

بي بي ايل: شاداب خان سڊني ٿنڊر کي ميچ کٽرائي ويو

ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) بِگ بيش ليگ (بي بي ايل) جي نائين ميچ ۾ سڊني ٿنڊر برسبين هيٽ کي 34 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪينبرا جي منوڪا اوول ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ برسبين هيٽ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. سڊني ٿنڊر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 193 رنسون ٺاهيون. ميٿيو گليڪس 76 ۽ سيم ڪونسٽاس 63 رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا، جڏهن ته سيم بلنگز 25، ڊينيل سيمس 10 ۽ ڊيوڊ وارنر 7 رسون ٺاهيون. برسبين جي جيڪ ويلڊرمٿ 2 جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ ميٿيو ڪهونيمن هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. 194 رنسن جي هدف جي جواب ۾ برسبين هيٽ مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنز ئي ٺاهي سگهي. ڪولن منرو 18 ۽ جيڪ ويلڊرمٿ 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ميٽ رينشا 43، هيوز ويبگن 30 ۽ ميڪس برائنٽ 25 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته جيمي پيئرسن 11 ۽ زاويئر بريٽلٽ 3 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا. سڊني ٿنڊر طرفان شاداب خان 4 ۽ ڊينيل سيمس 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. شاندار بيٽنگ تي ميٿيو گليڪس کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.