بي بي ايل ۾ بريسبين ايڊليڊ کي 7 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

بي بي ايل ۾ بريسبين ايڊليڊ کي 7 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

بريسبين(اسپورٽس نيوز) بگ بيش ليگ جي 13هين ميچ ۾ بريسبين هيٽ ايڊليڊ اسٽرائيڪرز کي 7 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾ بريسبين جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 179 رنسون ٺاهيون،ميڪس براينٽ 63، ميٽ رينشا 33 ٽاپ اسڪورر رهيا،حسن علي، ليوڪ ووڊ ۽ ميٿيو شارٽ 2-2 وڪيٽون ورتيون، ٻئي انگز ۾ ايڊليڊ جي ٽيم 172 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ميٿيو شارٽ 63، جيرس واڊيا 34 ۽ هيري ميناٽي 22 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا،بريسبين طرفان زيور بارليٽ 3، جيڪ ولڊرمٿ ۽ ٿامس بالڪن 2-2 وڪيٽون ورتيون،