| بي سي بي جو ورلڊڪپ تي آءِ سي سي سان ڊيڊ لاڪ برقرار: ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق |
ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت تي ڊيڊ لاڪ اڃا تائين برقرار آهي.آءِ سي سي ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي وچ ۾ وڊيو ڪانفرنس پڻ بي نتيجي رهي.بي سي بي جو چوڻ آهي ته وڊيو ڪانفرنس ۾ بنگلاديش هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت کان پنهنجا ميچ منتقل ڪرڻ جي پنهنجي موقف کي ورجايو آهي. جڏهن ته آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ٽورنامينٽ جو شيڊول اڳ ۾ ئي طئي ٿي چڪو آهي.بي سي بي جي مطابق آءِ سي سي هنن کي درخواست ڪئي ته هو پنهنجي موقف جو جائزو وٺن، پر بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي موقف ۽ فيصلي ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي.بي سي بي جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين ممڪن حل ڳولڻ لاءِ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.