Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_3lk9i8uc6e1uvk87qjglmhs4vf, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
بي نور جو درد...!عبدالغني شر - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar بي نور جو درد...!عبدالغني شر - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

بي نور جو درد…!عبدالغني شر

فطرتي رنگن سان سجيل هي وسيع خوبصورت ڪائنات ڪيترن رنگن روپن قومن ٻولين ۽ طبقن ۾ ورهايل آھي! عاليشان گهرن جي بيڊرومن تي پيل آرامي زندگيون ۽ جهريل جهوپڙين ۾ ڇنل کٽولين تي ستل زندگيون خواب ته هڪجهڙا ڏسن ٿيون پر انهن خوابن جي تعبير جدا جدا هوندي آھي انهن جي اکين مان درد جي شدت وچان ٽمندڙ ڳوڙھا ٽِشو پيپر سان اگهجن يا وري انهن پوتين جي پلانڌ سان پر انهن لڙڪن جي ڪرڻ جو انداز هڪ جهڙو هوندو آھي پر ان درد جي معني جدا جدا هوندي آھي…! گلاب به اهڙن سپنن جي سفر جو مسافر هو، هن جون اکيون خواب ته هر روز ڏسن ٿيون پر انهن خوابن جي تعبير ناممڪن آھي، ڇو ته هي ڄائي ڄم کان اکين جي نور کان محروم هو! اها محرومي موت تائين هن سان گڏ زندهه رهڻي آھي، هن جو نالو ته گلاب آھي هن گلابن جي مهڪ محسوس ڪئي آھي پر ڏسي ناهي سگهيو! نه ئي ڪڏھن بهار ۾ ڪومل ڪلين کي ٽڙندي ڏٺو! نه خزان ۾ ڇڻندڙ زرد پتن کي ڏٺو آھي ۽ نه ئي ڪڏھن سانوڻي جي مند ۾ وسندڙ ڪڪرن کي چتائي ڏسي سگهيو آھي! ڪڏھن ڪڏھن گلاب کي پنهنجي زندگي عجيب لڳندي آھي، جڏھن هي حجام جي دڪان ۾ لڳل وڏن شيشن اڳيان ويٺلن ماڻھن جا پنهنجن وارن شڪل شبيھ بابت عجيب ڳالهيون ٻڌندي هي پنهنجي تصوير ان شيشي ۾ ڳولڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو آھي!
هي گلاب پنهنجي ماءُ جو سڪيلڌو پٽ جنهن جي جنم وقت انهي ماءُ جي هن ڪائنات کان وسيع خوشي محسوس ڪئي پر جڏھن ڪجهه ڏينهن بعد گلاب جي بي نور نابين هجڻ جي خبر هن جي نازڪ ڪنن جي پردن کان ٽڪرائي ته هن جي دل و دماغ ۾ پيڙائن جو سمنڊ برپا ٿيو جنهن هر لمحي انهي خبر سان ڇوليون بڻجي هن جي سوچن کي ٽڪرائيندو رهيو! هي سوچڻ لڳي ته اسان جو گلاب بي نوُر آھي هي پنهنجي زندگي ڪيئن جيءَ سگهندو!؟ هي هڪ اهڙي بيماري آھي جنهن جو علاج اڃان تائين ممڪن ئي ناهي! هي اهڙو درد ڀوڳيندي به گلاب جي پرورش ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي، وقت گذرندي وير ئي نه ڪئي گلاب ٻاروتڻ مان جوان ٿي ويو، گلاب جي ماءُ سوچيندي هئي ته ڪڏھن گلاب جي هٿن تي مهندي لائي گهوٽ ڪري ڪنوار جو هٿ هن جي هٿن م ڏسان!؟ هن جي بي رنگ زندگي ۾ رنگ ڀريان، پر جيجل جي اٿاهه گهراين سان مسلسل ڪوشش ناڪام ٿيندي رهي، جڏھن راڄ ڀاڳ مان هڪ ئي جملو طعني طور گلاب جي ماءُ کي ملندو هو ته ”اسان ڪيئن هن نابين کي نياڻي ڏئي ، پنهنجي نياڻي جو جيون جلايون“.
اهو ٻڌندي ئي اندر اڌ ٿي پوندو هئس، ڪنهن کي ڪجهه چوڻ بجاءِ اکين ۾ ئي ڳوڙها ڳاڙيندي هئي! جيجل جي انهن ڳوڙھن کي گلاب ڏسڻ کان قاصر هو، نه ئي وري روئڻهارڪي اکين کي پسي سگهندو هو! ڪڏھن ڪو ڳوٺ جي عورت گلاب جي امڙ جي لڙڪن کي ڏسندي سکڻا دلاسا ڏيندي هئي ته هو جواب ۾ چوندي هئي ته آئون سڀ سمجهان ٿي ته منهنجي هن لڙڪن جو علاج ناهي! گلاب جي ماءُ اهڙا جواب ڏئي ٻيهر سوچن جي واچوڙن ۾ واچوڙو بڻجي آڪاس کي ڇهندي هئي تڏھن هي محسوس ڪندي هئي ته مڻ جا مٽي جا جڏھن منهنجي مٿان ڏيندا اها مٽي ڀڄي ڀُري ويندي پر منهنجا هي درد تڏھن به دانهون ڪندا رهندا ته منهنجو ٻچڙو بي نُور آھي…! نيٺ هن جو درد ڀريو اهڙو ئي سپنو ساڀيان ماڻي، پنهنجا پساهه پورا ڪيا! هاڻ گلاب اڪيلو ٿي ويو ڇاڪاڻ ته هن جي ماءُ هن کان وڇڙي وئي، گلاب لاءِ اهڙو ماءُ جي وڇوڙي جو صدمو هن جي بي نور جي پيڙاءُ کان بدتر هو! ڇاڪاڻ ته گلاب بي نور هوندي به هن جي ماءُ هن لاءِ هر هر طرح جو خيال رکندي هئي.
گلاب جڏهن آس پاس جي ڳوٺن ۾ دهل شرنايون ٻڌندو هو تڏھن هن جي دل گهڻو ئي ڪندي هئي ته آئون هي سڀ ڪجهه ڏسي سگهان! پر گلاب لاءِ اهي دهل شرنايون هن اڳيان هر وقت هن جي چوگرد ڦرندڙ اِها اونداهه هئي جنهن هن سان سانگو ٺاهي ڇڏيو ! گلاب جڏھن ٻئي ڪنهن ماڻھو جو آواز ٻڌندو هو ته هي سوچيندو هو ته هي اُھي ڀاڳوند انسان آھن جيڪي هي حسين فطرت جي هر شاهڪار تخليق کي ڏسي پسي سگهن ٿا تڏھن هي من ئي من ۾ چوندو هو ته ڪاش! نابين ڪير نه ٿئي، بي نور جو درد هن وسيع ڪائنات کان به وسيع ٿيندو آھي! هي هڪ اهڙو درد آھي جيڪو هر پل موت سان جياري ٿو پر ماري ٿو! گلاب جڏھن پنهنجن محرومين بيوسين تڪليفن دردن ۽ پيڙائن تي سوچ فڪر ڪندو هو تڏھن هي بيحال بنجي پوندو هو، پر وري به هي اهو سوچي خاموش ڀت بنجي پوندو هو ته ”آئون ڪجهه به سوچيان پر منهنجو وجود ئي اوندهي آھي، آئون ڏسڻ کان قاصر آهيان منهنجي لاءِ منهنجي ڪُل ڪائنات هي سپنا ئي آھن جيڪي آئون تصور ڪري سگهان ٿو، مون لاءِ هر ڪائنات جي اُھا شيءَ اونداهه آھي ڇاڪاڻ جو آئون بي نُور آھيان!“.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *