بي پي ايل ۾ ڍاڪا ڪيپيٽلز جو ڪوچ ٽريننگ دوران فوت

بي پي ايل ۾ ڍاڪا ڪيپيٽلز جو ڪوچ ٽريننگ دوران فوت

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش پريميئر ليگ جي ٽيم ڍاڪا ڪيپيٽلز جو ڪوچ ٽريننگ دوران فوت ٿي ويو آهي. بنگلاديشي ميڊيا موجب ڍاڪا ڪيپيٽلز جو اسسٽنٽ ڪوچ محبوب علي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. هو ميچ کان اڳ ميدان تي رانديگرن کي تربيت ڏئي رهيو هو.محبوب علي کي موقعي تي سي پي آر ڏنو ويو پر هو بچي نه سگهيو. کيس ايمبولينس ذريعي ميدان مان اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس موت جي تصديق ٿي..