ميرپوربٺورو. (ن پ ا)ميرپوربٺورو جي يوسي شاھ محمد شاھ تي ضمني بلدياتي چونڊن جي ووٽن جي ٽيهر ڳڻپ ۾ راڄوڻي اتحاد جو اميدوار هڪ دفعو ٻيهر ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي
ان سلسلي ۾ 7 مئي تي ميرپوربٺورو جي يوسي شاھ محمد شاھه تي ضمني بلدياتي چونڊن جي نتيجي ۾ راڄوڻي اتحاد جو منور زئور پ پ پ اميدوار عطاءُ الله شاهه کي شڪست ڏيئي يوسي چئرمين چونڊجي ويو هو
پ پ پ جي هارايل يوسي چئرمين اميدوار نتيجا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر سجاول کي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڪئي هئي جنهن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وئي
ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ به راڄوڻي اتحاد جو اميدوار منور زئور 34 ووٽن تان ڪامياب قرار ڏنو ويو هو، جڏهن ته پ پ پ اميدوار رٽرننگ آفيسر جي ڳڻپ کان پوءِ به نتيجا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي سيشن جج ٺٽو کي ووٽن جي ٽيهر ڳڻپ جي درخواست ڪئي جنهن تي سيشن جج ٺٽو جي نگراني ۾ ووٽن جي جي ٽيهر ڳڻپ ٿي
ووٽن جي ٿيل ٽيهر ڳڻپ ۾ راڄوڻي اتحاد جو منور زئور هڪ دفعو ٻيهر 32 ووٽن تان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته ووٽن جي ڳڻپ جي موقعي تي ٻئي اميدوار سندن ساٿين سميت موجود هئا