| بٺوري واسي نوجوان حب چوڪي ۾ ڦر مزاحمت تي قتل |
ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺوري واسي نوجوان حب چوڪي واري علائقي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي مارجي ويو. شيخا واهه اسٽاپ جي ڳوٺ سليمان خاصخيلي جو رهواسي نظر علي پٽ کمون خاصخيلي حُب چوڪي واري علائقي ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن هٿان قتل ٿي ويو، ڦورن هٿان قتل ٿيل نوجوان نظر علي خاصخيلي حُب چوڪي واري علائقي ۾ پورهيو ڪندو هو، جڏھن ته حب چوڪي واري علائقي ۾ ساڻس ڦُر جي واردات جو واقعو پيش آيو، ڦوروئن سان مزاحمت ڪرڻ تي قتل ٿي ويو، سندس مڙھ ڳوٺ سليمان خاصخيلي ۾ پھچڻ تي سندس گھر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏھن ته آسپاس جو ماحول پڻ سوڳوار بڻيل آهي، سندس جنازي نماز ۾ شھرين توڙي آسپاس جي علائقي واسين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي.