بٽگرام(پنهنجي ڊيسڪ) بٽگرام ويجهو پاڪ فوج جو 8 ڪلاڪ تائين جاري رهيل آپريشن نيٺ ڪامياب ٿي ويو، چيئر لفٽ جي رسي ٽٽڻ سبب ڦاٿل 8 ئي ماڻهن کي بچايو ويو
آءِ ايس پي آر موجب هيليڪاپٽر ذريعي سلنگ آپريشن دوران 7 شاگردن سميت 8 ئي ڄڻن کي حفاظت سان لفٽ مان منتقل ڪيو ويو، چيئر لفٽ ۾ شاگردن سميت ڦاٿل8 ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن ڪالهه صبح کان جاري هو
انتظاميا موجب اونداهي سبب ريسڪيو آپريشن ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش آيون، پاڪ آرمي جي هيليڪاپٽر تان ايس ايس جي ڪمانڊوز پاران رسي جي مدد سان چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل شاگردن تائين دوائون ۽ کاڌي پيتي جون شيون پهچايون ويون
پاڪ آرمي جا 2 هيليڪاپٽرز، ايئرفورس جو هڪ هيليڪاپٽر ۽ ايس ايس جي ڪمانڊوز آپريشن ۾ شريڪ ٿيا
بٽگرام جي پاشتو واري علائقي ۾ صبح 7 وڳي هڪ رسي ٽٽڻ بعد 7 شاگرد ۽ هڪ مقامي شخص چيئر لفٽ ۾ ڦاسي پيا هئا، چيئر لفٽ ۾ دل جي مريض نينگر سميت 2 ٻار بيهوش ٿي ويا هئا، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته روز هڪ سئو کان ڏيڍ سئو ٻار چيئر لفٽ ذريعي اسڪول ويندا آهن
ٻئي طرف بٽگرام ۾ چيئر لفٽ بابت شروعاتي رپورٽ سامهون اچي وئي، رپورٽ موجب چيئر لفٽ ۾ 7 شاگرد ۽ هڪ مقامي شخص گورنمينٽ هاءِ اسڪول بٽنگي وڃڻ لاءِ سوار ٿيا
صبح پوڻا 8 وڳي چيئر لفٽ جي هڪ ڪيبل ٽٽي، چيئر لفٽ ۾ ابرار، عرفان،اسامه، رضوان الله، عطاءُ الله. نياز محمد، شير نواز ۽ گلفراز سوار ٿيا، ريسڪيو آپريشن لاءِ وادي ڪاغان جي ايس ايس جي ٽيم سان رابطو ڪيو ويو
آرمي هيليڪاپٽر صبح پوڻا 12وڳي واقعي واري هنڌ پهتا،2 وڳي پاڪ ايئرفورس جو هيليڪاپٽر به ريسڪيو آپريشن جي لاءِ پهتو