بٽگرام : چيئر لفٽ تي ڦاٿل استادن ۽ شاگردن کي بچائڻ لاءِ آپريشن جاري: رسي ٽٽڻ جو خدشو: آپريشن انتهائي خطرناڪ آهي: پاڪ فوج

آگسٽ 22, 2023

بٽگرام (م ڊ) بٽگرام ۾ ايئرلفٽ ۾ ڦاٿل استادن ۽ شاگردن کي بچائڻ لاءِ پاڪ فوج آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، رسي ٽٽڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي تربيتي ٽيم آپريشن ۾ حصو وٺي رهي آهي، هيليڪاپٽر ويجهو وڃڻ تي رسي لڏي رهي آهي انڪري آپريشن انتهائي خطرناڪ آهي

آءِ ايس پي آر جي ترجمان موجب آپريشن موسم جي صورتحال کي ڏسي ڪري رهيا آهيون ڪوشش آهي ته ڪوبه جاني نقصان نه ٿئي

بٽگرام جي الائي واري علائقي ۾ چيئر لفٽ جي رسي ٽٽڻ سبب 6 شاگرد ۽2 استاد ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ڦاٿل آهن

ضلعي انتظاميا موجب چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل شاگردن ۽ استادن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو عمل شروع ڪيو ويو آهي

چيئر لفٽ ۾ اسڪولي ٻارڙا ۽ استاد موجود آهن، هڪ ٻارڙو بيهوش ٿي ويو، جڏهن ته استادن ۽ ٻارڙن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ پشاور کان هيليڪاپٽر روانو ڪيو ويو

چيئر لفٽ هڪ ڪلو ميٽر هلي ته رسي ٽٽي وئي جنهن ڪري چيئر لفٽ اڌ ۾ ڦاسي پئي، جنهن ڪري 5 ڪلاڪن کان ٻار ۽ استاد اتي ڦاٿل آهن

تعلقي چيئرمين مفتي غلام الله جو چوڻ آهي ته هي واقعو صبح 8 وڳي پيش آيو جڏهن شاگرد ۽ استاد ڪيبل تار ذريعي اسڪول وڃي رهيا هئا ان دوران تار ٽٽڻ سبب ڪيبل ڪار فضا ۾ 1500 فوٽ جي بلند تي ڦاسي پئي

ڪيبل ڪار علائقي جي نجي طور مقامي ماڻهن کي دريا پار ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ نيو ويندو آهي ڇو ته علائقي ۾ ڪو روڊ يا پل ناهي

ريسڪيو اهلڪارن فوري طور قدم ان ڪري نه کنيا جو هڪ تار ٽٽي چڪي هئي جيڪڏهن رضاڪار ان تي چڙهن ها ٻي تار به ٽٽڻ جو خطرو هو، جنهن ڪري هيليڪاپٽر طلب ڪيو ويو

نگران وزيراعليٰ پاران نوٽيس وٺندي فوري طور ريسڪيو جون هدايتون جاري ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ هيليڪاپٽر اتي پهچي ويو

Leave A Comment