بپر جواءِ جا اثر: تيز هوا سان برسات، ڇتيون اڏامي ويون، ڇپرا ڊهي پيا

جُون 15, 2023

ڪراچي ( نمائندن وٽان) سامونڊي طوفان جي اثر سبب سامونڊي پٽي وارن علائقن سميت ڪيترن ئي هنڌن تي برسات جو سلسلو به جاري آهي

حيدرآباد، ٺٽي، بدين، سجاول، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص جي ڪيترن شهرين ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي وري تيز برسات هلندڙ آهي

غلام شاه موري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مٽي جي طوفان سبب ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون ۽ دڪانن جا ڇپرا اڏامي ويا ويا، برسات جو به سلسلو جاري آهي جنهن سبب  زندگي جو ڪاروهنوار ڊانوا ڊول بڻيل آهي

 کپري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن م به وقفي وقفي سان هلڪي برسات پئجي رهي آهي، نئون آباد جي ڀر وارن علائقن م تيز وسڪاري بعد موسم وڻندڙ بڻجي وئي آهي

Leave A Comment